Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:10 - Hindu Sindhi Bible

10 اسان جا سنساري پتا ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر ايشور جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پوِترتائيءَ ۾ شامل ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو هو تہ ٿورن ڏينهن جي لاءِ جيئن مناسب سمجهندا هئا، تيئن اسان کي سيکت ڏيندا هئا؛ پر هي اسان جي فائدي لاءِ ٿو ڪري، تہ اسين هن جي پاڪيزگيءَ ۾ شامل ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اسان جا دنياوي پيئر ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر خدا جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 اسان جا جسماني پيئر ٿورن ڏينھن جي لاءِ جيئن مناسب سمجھندا ھئا تيئن اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، پر خدا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ اسان کي سيکت ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين اوهين نئين فطرت کي لباس وانگر پهري ڇڏيو، جيڪا ايشور ۾ موجود حقيقي سچائيءَ ۽ پوِترتائيءَ سان پيدا ڪيل آهي.


پر هاڻي هن مسيح جي شريري موت جي وسيلي اوهان جو پاڻ سان رابطو بحال ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي پوِتر، بي‌عيب ۽ بي‌الزام بڻائي پنهنجي شرڻ ۾ حاضر ڪري.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پوِتر ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


سڀني ماڻهن سان صلح وَ شانتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پوِترتائيءَ جا ڳولائو ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ پرميشور کي نہ ڏسندو.


اوهين بہ جيوت پٿرن وانگر اڏجي ايشور جو آتمڪ گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پوِتر ڪاهنن جي مخصوص منڊليءَ جا رڪن بڻجي اهڙا آتمڪ ٻليدان پيش ٿا ڪريو، جيڪي يسوع مسيح جي وسيلي ايشور وٽ قبول پون ٿا.


پر اوهين هڪڙي چونڊيل پيڙهي، ايشور جي ڪاهنن واري منڊلي، مخصوص قوم ۽ ايشور جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ ايشور جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي وچن پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي سنسار جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس مهان ذات ۾ شامل ٿي وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ