Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:4 - Hindu Sindhi Bible

4 وشواس جي ڪري ئي هابل ايشور آڏو قائن کان وڌيڪ سٺو ٻليدان پيش ڪيو. انهيءَ جي ڪري ايشور سندس ڀيٽا قبول ڪري ظاهر ڪيو تہ هو سچار هو. جيتوڻيڪ هو مري ويو آهي تہ بہ پنهنجي وشواس جي مثال وسيلي ڄڻ تہ اڃا تائين ڳالهائي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ايمان ئي جي ڪري هابل خدا وٽ قائن کان زيادہ عمدي قرباني چاڙهي، جنهنڪري هن جي راستباز هئڻ جي شاهدي ڏني ويئي، جو خدا هن جي نذرن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني: ۽ جيتوڻيڪ هو مري ويو تہ بہ ايمان ئي جي وسيلي اڃا ڳالهائي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ايمان جي ڪري ئي هابيل خدا آڏو قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني پيش ڪئي. انهيءَ جي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاهر ڪيو تہ هو سچار هو. جيتوڻيڪ هو مري ويو آهي تہ بہ پنهنجي ايمان جي مثال وسيلي ڄڻ تہ اڃا تائين ڳالهائي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ايمان جي ڪري ئي ھابيل خدا وٽ قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني چاڙھي. انھيءَ جي ئي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاھر ڪيو تہ ھو سچار ھو. جيتوڻيڪ ھو مري ويو آھي تہ بہ ايمان جي ئي وسيلي اڃا تائين ڳالھائي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:4
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ ٻليدان واري جاءِ ۽ پوِتر جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.


مطلب تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هابل جي خون کان وٺي زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي هيڪل جي اڱڻ ۾ ٻليدان واري جاءِ ۽ پوِتر جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو هو، تن سڀني جي خون جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو.


اهي ايشور کي ڄاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن عمل انهيءَ جي ابتڙ آهن. اهي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آهن.


اهو انهن جو وشواس ئي هو جو اڳئين زماني جي ماڻهن ايشور جو راضپو حاصل ڪيو.


جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر پاپ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.


اوهين نئين ٻڌل وچن جي وچ واري يسوع وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


ڏسو، هر ڪو سردار ڪاهن ماڻهن مان چونڊجي ايشور سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾ ماڻهن جي ئي نمائندگيءَ لاءِ انهيءَ ڪري مقرر ٿو ڪجي، تہ جيئن هو ڀيٽائون ۽ پاپن لاءِ ٻليدان پيش ڪري.


حقيقت ۾ نيم موجب تقريباً هر شيءِ کي رت سان ئي پوِتر ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين رت نہ ٿو وهايو وڃي تيستائين معافي بہ نہ ٿي ملي.


ڇاڪاڻ تہ هو انهن ۾ رهي هر روز انهن جا بڇڙائيءَ وارا ڪم ڏسي ۽ ٻڌي پنهنجي سچيءَ دل ۾ پيو پريشان ٿيندو هو.


مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قائن جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جيان ڀَٽڪي ويا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ