Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:3 - Hindu Sindhi Bible

3 وشواس جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ سڀيئي جهان ايشور جي حڪم سان بڻيا آهن. ائين نہ آهي تہ جيڪي ڪجھہ نظر اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ ايندڙ شين مان بڻيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ايمان ئي جي ڪري اسين سمجهون ٿا تہ عالم خدا جي ڪلام سان جڙيو ۽ انهن شين مان جي ظاهري ڏسڻ ۾ نٿيون اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ايمان جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ سڀيئي جهان خدا جي حڪم سان بڻيا آهن. ائين نہ آهي تہ جيڪي ڪجھہ نظر اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ ايندڙ شين مان بڻيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ايمان جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ ڪائنات خدا جي حڪم سان بڻي آھي، يعني جيڪي ڪجھہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ شين مان بڻيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀيئي شيون ان جي وسيلي پيدا ٿيون آهن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آهي، سا ان کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آهي.


”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيوت ايشور کي مڃو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.


جنهن ايشور سڄو سنسار ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو ڌرتيءَ ۽ آڪاش جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي.


جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابرهام! مون تو کي گھڻين قومن جو پتا بڻايو آهي.“ اهو وچن سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابرهام جو وشواس انهيءَ ايشور تي هو، جيڪو مئلن کي جيوت ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن.


اسين تہ ايشور جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا ايشور سنسار جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.


ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ايشور جي فرمان ۽ ماڻهن جي پرارٿنا جي ڪري پوِتر ٿي پوي ٿو.


پر هاڻي هن انتم زماني ۾ ايشور اسان سان پنهنجي پٽ جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.


۽ ايشور جي چڱي سنديش ۽ نئين سر بحاليءَ واري ايندڙ زماني جي طاقتن جو تجربو بہ حاصل ڪيو اٿائون،


پر هيءَ ڳالهہ انهن ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏي آهي تہ ايشور جي حڪم سان قديم زماني ۾ آڪاش وجود ۾ آيا ۽ ڌرتي پاڻيءَ منجھان ٺهي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ قائم آهي.


”اي پرڀو، اسان جا ايشور! تون مهما، مان‌سمان ۽ شڪتيءَ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ