Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:25 - Hindu Sindhi Bible

25 انهيءَ جو سبب هي هو تہ ٿوري وقت تائين پاپ جا مزا ماڻڻ بدران هن ايشور جي قوم وارن سان شامل ٿي بري سلوڪ سهڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 هن ڪري جو هن ٿوري وقت تائين گناهہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران، خدا جي اُمت سان ڏک سهڻ زيادہ پسند ڪيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 انهيءَ جو سبب هي هو تہ ٿوري وقت تائين گناهہ جا مزا ماڻڻ بدران هن خدا جي قوم وارن سان شامل ٿي بري سلوڪ سهڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 ھن ڪري جو ٿوري وقت تائين گناھہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران ھن خدا جي قوم سان گڏ ڏک سھڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:25
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اهو سنديش انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنهنڪري جڏهن سنديش جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.


پر ابرهام چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي جيون ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.


بيشڪ مون پنهنجي قوم سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آهي، مون انهن جي دانهن ٻڌي آهي ۽ کين بچائڻ لاءِ لهي آيو آهيان. هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانهن موڪليان.‘


نہ رڳو ايترو پر پنهنجين مصيبتن ۾ بہ فخر ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ مصيبت مان ثابت قدمي پيدا ٿئي ٿي.


مطلب تہ جيڪو بہ مسيح ۾ آهي سو نئون رچيل آهي. پراڻو جيون گذري ويو، ڏسو، نئون جيون شروع ٿي ويو آهي.


هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس شرير، يعني منڊليءَ جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي شرير ۾ پورو پيو ڪريان.


تنهنڪري اسان جي پرڀو يسوع بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران ايشور کان ملندڙ شڪتيءَ سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


انهن اڳوڻن ڏينهن کي ياد ڪريو، جڏهن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوهان ثابت قدميءَ سان سخت تڪليفن کي منهن ڏنو.


ڪي ماڻهو سنگسار ڪيا ويا، ڪي ڪرٽ سان چيريا ويا ۽ ڪي تلوار سان قتل ڪيا ويا. ڪي ماڻهو محتاجيءَ، مظلوميءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي


انهيءَ مان سمجھي سگھجي ٿو تہ ايشور جي چونڊيلن لاءِ اهڙو آرام باقي رهيل آهي، جيڪو ايشور جي ستين ڏينهن واري آرام جهڙو آهي.


ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ جي حالت ۾ ماڻهوءَ کان اهڙا ڪم ٿي نہ ٿا سگھن جن مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.


اوهان ڌرتيءَ تي عيش عشرت ۾ گذاريو آهي ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. حقيقت ۾ اوهان پاڻ کي ڪوس واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو آهي.


اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين ايشور جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي ديا ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي ايشور جي ديا ٿي اٿوَ.


جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجي دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ وڌوا نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ