Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:17 - Hindu Sindhi Bible

17-18 وشواس جي ڪري ئي ابرهام پنهنجي آزمائش وقت اضحاق کي ڀيٽا طور ٻليدان ڪيو. جيتوڻيڪ ابرهام ايشور جا وچن قبول ڪيا هئا ۽ ايشور کيس فرمايو هو تہ ”اضحاق مان ئي تنهنجي پيڙهي جاري ٿيندي،“ تنهن هوندي بہ هو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي ٻليدان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ايمان ئي جي ڪري ابراهيم آزمائش وقت اسحاق کي قربان ڪيو: هائو، جنهن خوشيءَ سان واعدا قبول ڪيا، سو پنهنجي هڪڙي ئي پٽ کي قربان ڪرڻ تي هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17-18 ايمان جي ڪري ئي ابراهيم پنهنجي آزمائش وقت اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. جيتوڻيڪ ابراهيم خدا جا واعدا قبول ڪيا هئا ۽ خدا کيس فرمايو هو تہ ”اسحاق مان ئي تنهنجو نسل جاري ٿيندو،“ تنهن هوندي بہ هو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ايمان جي ڪري ئي پنھنجي آزمائش وقت ابراھيم اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. اھو ئي ابراھيم جنھن خدا جا واعدا قبول ڪيا ھئا، سو پنھنجي پياري پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:17
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، ايشور سنسار سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس امر جيون ملي.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب ايشور سندس دان قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


اهو وشواس ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو ايشور ساڻن وچن ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي پيڙهيءَ سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابرهام کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان وچن ڪيا ويا هئا، تنهن کي آسيسون ڏنائين.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين ڌيرج سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي ڌيرج بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ سڌ اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ پرميشور هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ پرميشور نهايت ڪرپالو ۽ ديالو آهي.


اي پريميؤ! تڪليفن جي باهہ جيڪا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي اچي ڀڙڪي آهي، تنهن تي تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا انوکي ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.


جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي سنڀال ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي سنسار تي اچڻي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ