Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:10 - Hindu Sindhi Bible

10 ابرهام انهيءَ شهر جو اميدوار هو، جنهن جو بنياد پڪو ۽ پختو آهي ۽ جنهن جو رچيندڙ ۽ اڏيندڙ خود ايشور آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو هو انهي شهر جو اُميدوار هو جنهن جو بنياد پيل آهي، ۽ جنهن جو معمار ۽ اڏيندڙ خدا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ابراهيم انهيءَ شهر جو اميدوار هو، جنهن جو بنياد پڪو ۽ پختو آهي ۽ جنهن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ڇالاءِ⁠جو ابراھيم انھيءَ شھر جو اميدوار ھو، جنھن جو بنياد پيل آھي ۽ جنھن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي پتا جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آهن. آءٌ اوهان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ٻڌايان ها.


انهيءَ جو سبب هي آهي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جو شرير جيڪو هن ڌرتيءَ تي جھوپڙيءَ جهڙو ڪچو گھر آهي، سو جيڪڏهن ڊاهيو وڃي تہ بہ اسان لاءِ ايشور وٽ آڪاش تي هڪڙو پڪو گھر آهي. اهو انساني هٿن سان جوڙيل نہ آهي، بلڪ هميشہ قائم رهندڙ آهي.


جڏهن تہ اسين جن جو ديس آڪاش تي آهي، سي وڏي چاهہ سان انهيءَ مڪتي ڏيندڙ، يعني پرڀو يسوع مسيح جي اتان موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهيون.


پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آڪاشي ديس جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ ايشور، انهن جو ايشور سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.


ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي جيوت ايشور جي شهر وارن جيان ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. اتي آڪاشي يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار دوتن جي محفل آهي.


سو جيئن تہ اسان کي اهڙي راڄ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، جيڪو لڏي وڃڻ وارو ناهي، تنهنڪري اچو تہ اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اهڙي مان‌سمان ۽ خوف سان ڀڳتي ڪريون جو اها ايشور کي پسند اچي،


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڌرتيءَ تي اسان جو ڪو قائم رهڻ وارو شهر ڪونهي. ان جي بدران اسين اهڙي شهر جا خواهشمند آهيون جيڪو آئندہ ملڻ وارو آهي.


بيشڪ هر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ هوندو آهي، پر جنهن سڀ ڪجھہ جوڙيو آهي سو ايشور ئي آهي.


مون پوِتر شهر، يعني نئون يروشلم ايشور وٽان آڪاش مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ