عبرانين 10:39 - Hindu Sindhi Bible39 سو اسين پوئتي هٽڻ وارن مان نہ آهيون جو ناس ٿيون، پر اسين انهن مان آهيون جيڪي وشواس رکي پاڻ کي بچائين ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible39 پر اسين انهن مان نہ آهيون جي پٺتي هٽي برباد ٿا ٿين؛ بلڪ انهن مان آهيون جي ايمان آڻي پنهنجي روحن کي بچائين ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible39 سو اسين پوئتي هٽڻ وارن مان نہ آهيون جو ناس ٿيون، پر اسين انهن مان آهيون جيڪي ايمان رکي پاڻ کي بچائين ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament39 مگر اسين انھن مان نہ آھيون جيڪي پوئتي ھٽي ناس ٿا ٿين، بلڪ انھن مان آھيون جيڪي ايمان آڻي پاڻ کي بچائين ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هموشواسيءَ کي اهڙو پاپ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ کپي، جيڪو کيس جيون بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا پاپ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو پاپ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ پاپ ڪرڻ واري بابت پرارٿنا ڪرڻ کپي.