Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:26 - Hindu Sindhi Bible

26 ياد رکو، جيڪڏهن اسين سچ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي‌واڻي پاپ ڪندا رهون تہ پاپن جي مِٽائڻ لاءِ ڪوبہ ٻليدان اڳتي باقي ناهي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ڇالاءِ جو سچ جي سياڻپ حاصل ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن اسين ڄاڻي ٻجهي گناهہ ڪنداسين تہ گناهن جي ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رهندي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 ياد رکو، جيڪڏهن اسين سچ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي‌واڻي گناهہ ڪندا رهون تہ گناهن جي مِٽائڻ لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي ناهي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 پر جيڪڏھن اسين سچ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي⁠ٻجھي گناھہ ڪريون تہ گناھن لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رھندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:26
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو نوڪر جنهن پنهنجي مالڪ جا اصول ڄاڻيندي بہ تياري نہ ڪئي، نڪي سندس حڪمن موجب هليو، تنهن کي ڏاڍي مار ملندي.


هاڻي جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجھي انهن تي عمل ڪندا تہ ڪيڏا نہ سڀاڳا ٿيندا.“


يسوع کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين انڌا هجو ها تہ اوهان جو ڪو ڏوهہ نہ هجي ها. پر هاڻي تہ اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوهان جو ڏوهہ ثابت آهي.“


انهن سان هو برباد ٿيڻ وارن کي هر قسم جي بڇڙائيءَ وارو دوکو ڏيندو. اهي ماڻهو انهيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جو قدر ئي نہ ڪندا، جنهن جي وسيلي کين مڪتي ملي ها.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي يسوع مسيح جي نندا ڪندڙ ۽ سندس شان ۾ گھٽ وڌ ڳالهائيندڙ هئس ۽ وشواسين کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ ايشور مون تي ديا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو وشواس نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


هو چاهي ٿو تہ سڀيئي ماڻهو مڪتي حاصل ڪري سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن.


مطلب تہ جيڪو ماڻهو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو تہ اهو سندس پاپ ليکيو ويندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌وشواسيءَ کي اهڙو پاپ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ کپي، جيڪو کيس جيون بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا پاپ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو پاپ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ پاپ ڪرڻ واري بابت پرارٿنا ڪرڻ کپي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ