Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:12 - Hindu Sindhi Bible

12 پر مسيح هڪڙو ئي ٻليدان هميشہ جي واسطي چاڙهي پاپن کي مِٽائي ڇڏيو. پوءِ هو ”ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 پر هي شخص گناهن جي لاءِ هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پر مسيح هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي گناهن کي مِٽائي ڇڏيو. پوءِ هو ”خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 پر مسيح گناھن جي لاءِ ھڪڙي ئي قرباني ھميشہ جي واسطي چاڙھي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ پرڀو يسوع آڪاش ڏانهن کڄي ويو ۽ ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ڪير آهي جيڪو اسان کي پاپي قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ يسوع مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيوت ٿي اٿيو. هو ايشور جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري.


اوهين پيار ڀريو جيون گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ايشور جي آڏو خوشبودار ڀيٽا طور ٻليدان ڪري ڇڏيو.


هاڻ جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ جيوت ڪيا ويا آهيو، تنهنڪري انهن شين سان دل لڳايو جيڪي آڪاش تي آهن، جتي مسيح ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي.


اهو پٽ ايشور جي جوت جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي شڪتيءَ واري وچن سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي پاپن کان ڌوئي پوِتر ڪرڻ بعد مٿي آڪاش تي مهان ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ايشور جي انهيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين يسوع مسيح جي شرير جي هڪڙي ئي دفعي هميشہ لاءِ ٻليدان ٿيڻ جي وسيلي مخصوص ۽ پوِتر ڪيا ويا آهيون.


سو هن هڪڙو ٻليدان چاڙهڻ سان انهن کي هميشہ جي لاءِ ايشور وٽ ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انهيءَ ٻليدان جي وسيلي مخصوص ۽ پوِتر ڪيا ويا آهن.


ڏسو، هر ڪو سردار ڪاهن ماڻهن مان چونڊجي ايشور سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾ ماڻهن جي ئي نمائندگيءَ لاءِ انهيءَ ڪري مقرر ٿو ڪجي، تہ جيئن هو ڀيٽائون ۽ پاپن لاءِ ٻليدان پيش ڪري.


انهيءَ ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ جهڙيءَ طرح ماڻهن جي پاپن واسطي ٻليدان پيش ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح پنهنجي پاپن لاءِ بہ ڪري.


ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي پاپن ۽ پوءِ قوم وارن جي پاپن واسطي ٻليدانَ پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي پاپن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ ٻليدان پيش ڪيو، جڏهن پاڻ کي ٻليدان ڪري ڇڏيائين.


انهن ڳالهين جو خاص مطلب هي آهي تہ اسان جو هڪڙو اهڙو سردار ڪاهن آهي، جيڪو مٿي آڪاش تي مهان ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي ويٺو آهي.


پوِتر ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ امر مڪتي حاصل ڪئي.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پوِتر ڪري ٿو، تہ جيئن اسين جيوت ايشور جي ڀڳتي ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن هميشہ واري پوِتر آتما جي وسيلي پاڻ کي ايشور وٽ بي‌عيب ٻليدان طور پيش ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ