Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:1 - Hindu Sindhi Bible

1 ڏسو، نيم آئندہ ملڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آهي، اهو انهن حقيقي شين جو اصلي روپ ناهي. تنهنڪري نيم مطابق هر سال ساڳيا ئي ٻليدان پيش ڪندو رهڻ سان اهو نيم ڀڳتي ڪندڙن کي ڪڏهن بہ ايشور وٽ ڪامل نہ ٿو ڪري سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ڇالاءِ جو شريعت انهن اچڻ وارين نعمتن جو عڪس آهي، نہ سندين اصلي صورت، تنهنڪري سال بسال جيڪي ساڳيون قربانيون هميشہ ڪرڻ ۾ ٿيون اچن، تن جي وسيلي ماڻهن کي ڪامل ڪري نٿي سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڏسو، شريعت آئندہ ملڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آهي، اها انهن حقيقي شين جي اصلي صورت ناهي. تنهنڪري شريعت مطابق هر سال ساڳيون ئي قربانيون پيش ڪندو رهڻ سان اها شريعت عبادت ڪندڙن کي ڪڏهن بہ خدا وٽ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 حقيقت ۾ شريعت اچڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آھي، انھن جي اصلي صورت ناھي. تنھنڪري سال⁠بسال جيڪي ساڳيون ئي قربانيون ھميشہ ڪيون وڃن ٿيون، تن جي وسيلي اھا شريعت خدا ڏانھن ويجھو ايندڙ ماڻھن کي ڪڏھن بہ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب نيم نہ ڪري سگھيو سو ايشور ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي پٽ کي انساني يعني پاپين واري روپ ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي پاپن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود پاپ جي خلاف ايشور فيصلو جاري ڪيو.


اهي رسمون تہ بعد ۾ اچڻ وارين شين جو رڳو پاڇو آهن، جڏهن تہ حقيقت مسيح پاڻ آهي.


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير پاپن کان پوِتر ٿيل آهن ۽ اسان جا شرير صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري وشواس سان ايشور کي ويجھا ٿيون.


بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ نيم وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور ايشور لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي.


هتي پوِتر جاءِ ۾ هو جيڪا سيوا ڪن ٿا، سا آڪاش واري پوِتر خيمي واري حقيقي سيوا جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ پوِتر خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، سيوا واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“


پر هاڻي مسيح انهن چڱين ڳالهين جو سردار ڪاهن ٿي اچي چڪو آهي، جيڪي هينئر موجود آهن. هو ڌرتيءَ تي انسان جي ٺاهيل خيمي ۾ نہ، پر انهيءَ کان وڌيڪ مهان ۽ ڪامل خيمي جي رستي


تنهنڪري اهو ضروري هو تہ ڌرتيءَ تي پوِتر خيمو ۽ ان جي ڀڳتيءَ واريون شيون جيڪي آڪاشي شين جو نقل هيون، تن کي اهڙي نموني جانورن جي رت جي ٻليدان وسيلي پوِتر ڪيو وڃي. پر جيڪي خود آڪاشي شيون آهن تن لاءِ ضروري هو تہ اهي انهيءَ کان وڌيڪ بهتر ٻليدان جي وسيلي پوِتر ڪيون وڃن.


ڌرتيءَ واري خيمي جو سردار ڪاهن هر سال پوِتر ترين جاءِ ۾ پنهنجو نہ پر جانورن جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري ٻليدان ڪرڻ لاءِ آڪاش ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ