Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 1:8 - Hindu Sindhi Bible

8 پر پنهنجي پٽ کي هو فرمائي ٿو تہ ”اي ايشور! تنهنجو تخت هميشہ هميشہ تائين قائم رهندو. تنهنجي حڪومت انصاف واري حڪومت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 مگر فرزند جي بابت چوي ٿو تہ ”اي خدا، تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي ۽ تنهنجي بادشاهت جو عصو سچائيءَ جو عصو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پر پنهنجي فرزند کي هو فرمائي ٿو تہ ”اي خدا! تنهنجو تخت هميشہ هميشہ تائين قائم رهندو. تنهنجي حڪومت انصاف واري حڪومت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پر پنھنجي فرزند بابت ھو چوي ٿو تہ ”اي خدا! تنھنجو تخت ھميشہ تائين قائم رھندو، ۽ تون انصاف سان حڪومت ڪرين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 1:8
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”ايشور اسان سان.“


۽ هن جي اڳيان پنهنجي سڄي جيون جا ڏينهن پوِتر ۽ نيڪ ٿي گذاريون.


جڏهن تہ آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون.“


تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ايشور جي نندا ڪرڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي ايشور سڏين ٿو.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا پرڀو! اي منهنجا ايشور!“


اهي ئي ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ شرير جي لحاظ کان مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل ايشور، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي مهما هميشہ ٿئي. آمين.


اهو ضروري آهي تہ مسيح تيستائين حڪمراني ڪري، جيستائين هو سڀني دشمنن کي پنهنجي قدمن هيٺان نہ ڪري.


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


بلڪ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي امر راڄ ۾ وڏي خوشيءَ سان داخل ڪيا ويندا.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو پٽ هن سنسار ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس پٽ يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي ايشور ۽ امر جيون آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ