Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 1:6 - Hindu Sindhi Bible

6 وري جڏهن هو پنهنجي پهريتي پٽ کي سنسار ۾ موڪلي ٿو، تڏهن فرمائي ٿو تہ ”مون ايشور جا سڀ دوت هن جي اڳيان سيس نوائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ جڏهن وري هو پهريتو پٽ دنيا ۾ آڻي ٿو، تڏهن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ انهي کي سجدو ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 وري جڏهن هو پنهنجي پهريتي فرزند کي دنيا ۾ موڪلي ٿو، تڏهن فرمائي ٿو تہ ”مون خدا جا سڀ ملائڪ هن کي سجدو ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 وري جڏھن خدا پنھنجي پھريتي کي دنيا ۾ آڻي ٿو تڏھن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ ھن کي سجدو ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 1:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار سڄي سنسار ۾ ڪيو ويندو، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاهدي ٿئي. تنهن کان پوءِ هن سنسار جي پڄاڻي ٿيندي.“


اهو وچن انساني روپ ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جوت ڏٺي، جيڪا هن کي پتا جي هڪڙي ئي پٽ هئڻ ڪري ملي ۽ هو ڪرپا ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ ايشور کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي پٽ، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


ڏسو، ايشور سنسار سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس امر جيون ملي.


هائو، شروع کان ئي ايشور انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. ايشور اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس پٽ جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس پٽ گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي.


ايشور جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنهن جو ظاهري روپ مسيح آهي. هو سڄي مخلوقات کان پهريان موجود هو، سو هو پهريتي هئڻ جو حق رکي ٿو.


اهو ئي وشواسي منڊليءَ جو مٿو آهي جيڪا سندس شرير آهي. اهو ئي منڍ آهي ۽ اهو ئي مئلن منجھان جيوت ٿي اٿڻ ۾ پهريتو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اول درجو هن جو ئي ٿئي.


ڇا ايشور دوتن مان ڪڏهن ڪنهن کي هيئن فرمايو جيئن يسوع کي فرمايائين تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان“؟ يا ڪنهن دوت بابت هي فرمايو اٿائين تہ ”آءٌ هن جو پتا ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو“؟


تنهنڪري ئي مسيح سنسار ۾ اچڻ مهل ايشور کي چيو تہ ”تو ٻليدان ۽ ڀيٽا نہ چاهي، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو شرير تيار ڪيو.


هو آڪاش تي وڃي ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ دوت، اختياريون ۽ شڪتيون سندس وس هيٺ ڪيون ويون آهن.


ايشور پنهنجو پيار اسان سان هن طرح ظاهر ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ سنسار ۾ موڪليو، تہ جيئن انهيءَ جي وسيلي اسين نئون جيون حاصل ڪريون.


۽ يسوع مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي راجائن تي حڪم هلائيندڙ آهي. يسوع مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي پاپن کان مڪتي ڏني آهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ