Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 1:2 - Hindu Sindhi Bible

2 پر هاڻي هن انتم زماني ۾ ايشور اسان سان پنهنجي پٽ جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ هاڻي هن زماني جي پڇاڙيءَ ۾ اسان سان فرزند جي معرفت ڪلام ڪيو اٿس، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو، ۽ جنهن جي وسيلي هن جهان بہ پيدا ڪيا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پر هاڻي هن آخري زماني ۾ خدا اسان سان پنهنجي فرزند جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 پر ھاڻي ھن زماني جي آخر ۾ خدا اسان سان پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھايو، جنھن کي ھن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي ڪائنات خلقيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 1:2
70 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دشمن جنهن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آهي. لابارو آهي قيامت جو ڏينهن ۽ لاباري وارا آهن دوت.


اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


پر باغائين جڏهن هن جي پٽ کي ڏٺو تڏهن انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘


پر يسوع ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي جيوت ايشور جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، ايشور جو پٽ؟“


يسوع چيلن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


پوءِ آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“


ايشور جي پٽ يسوع مسيح بابت خوشخبري هن ريت شروع ٿئي ٿي.


هاڻي باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو هئس. تنهن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانهن موڪليائين، جو پڪ هئس تہ هو انهيءَ جو لحاظ ڪندا.


پر انهن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘


جيتوڻيڪ وچن جي ئي وسيلي سنسار پيدا ڪيو ويو ۽ وچن سنسار ۾ هو تہ بہ سنسار هن کي نہ سڃاتو.


اهو وچن انساني روپ ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جوت ڏٺي، جيڪا هن کي پتا جي هڪڙي ئي پٽ هئڻ ڪري ملي ۽ هو ڪرپا ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


سڀيئي شيون ان جي وسيلي پيدا ٿيون آهن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آهي، سا ان کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آهي.


يسوع ڄاتو ٿي تہ ”پتا مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ ايشور جي طرفان آيو آهيان ۽ ايشور ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“


جيئن تہ ايشور جي جوت منش‌پتر مان ظاهر ٿيندي تہ ايشور بہ هن کي پنهنجي جوت ۾ شريڪ ڪندو، بلڪ ڏسو، هاڻي ئي ٿو ڪريس.


هن کان پوءِ آءٌ نہ چوندس تہ اوهين داس آهيو، ڇاڪاڻ تہ داس کي سڌ نہ هوندي آهي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رهيو آهي. پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پتا کان ٻڌيون آهن سي سڀ اوهان کي ٻڌايون اٿم.


جيڪي ڪجھہ منهنجي پتا جو آهي سو منهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ پوِتر آتما منهنجيون ڳالهيون اوهان کي کولي ٻڌائيندي.“


تو ئي کيس سڀني انسانن تي اختيار ڏنو آهي تہ جيئن هو هر انهيءَ کي امر جيون بخشي جيڪو تو کيس ڏنو آهي.


ڏسو، ايشور سنسار سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس امر جيون ملي.


يوحنا جي ڪن چيلن جو هڪ يهودي اڳواڻ سان پوِترتائيءَ جي رسمن بابت بحث ٿيو.


هائو، جيئن پتا جيون جو بنياد آهي، تيئن هن پنهنجي پٽ کي بہ جيون جو بنياد بڻايو آهي.


هن کيس اها اختياري بہ ڏني آهي تہ هو سنسار جو فيصلو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو منش‌پتر آهي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ سڌ نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“


ايشور جي خوشخبريءَ جو سنديش جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ يسوع مسيح جيڪو سڀني جو پرڀو آهي، تنهن جي وسيلي ايشور سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي.


’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ پنهنجي آتما سڀني ماڻهن تي پرگھٽ ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو سنديش ٻڌائيندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ درشن ڏسندا.


جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني ايشور جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جوت ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.


اسين تہ ايشور جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا ايشور سنسار جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.


تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هڪڙو ئي ايشور آهي يعني آڪاشي پتا، جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون آهن ۽ اسين انهيءَ جي لاءِ جيوت آهيون. اسان جو پرڀو بہ هڪڙو ئي آهي يعني يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون وجود ۾ آيون ۽ اسين انهيءَ جي وسيلي جيوت آهيون.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ ايشور پنهنجو پٽ ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ ناريءَ جنم ڏنو. هو نيم جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آڪاش توڙي ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي.


۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ روشن ڪريان تہ جيڪو ڀيد شروع کان سڀني شين جي رچنا ڪندڙ ايشور وٽ ڳجھو رکيل هو تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي.


ڇا ايشور دوتن مان ڪڏهن ڪنهن کي هيئن فرمايو جيئن يسوع کي فرمايائين تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان“؟ يا ڪنهن دوت بابت هي فرمايو اٿائين تہ ”آءٌ هن جو پتا ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو“؟


پر پنهنجي پٽ کي هو فرمائي ٿو تہ ”اي ايشور! تنهنجو تخت هميشہ هميشہ تائين قائم رهندو. تنهنجي حڪومت انصاف واري حڪومت آهي.


وشواس جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ سڀيئي جهان ايشور جي حڪم سان بڻيا آهن. ائين نہ آهي تہ جيڪي ڪجھہ نظر اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ ايندڙ شين مان بڻيو آهي.


تہ پوءِ هيڏي مهان مڪتيءَ کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ مڪتيءَ جو اعلان پهريائين خود پرڀو يسوع ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


پر مسيح پٽ جي حيثيت ۾ ايشور جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي ايشور جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


تنهنڪري اچو تہ انهيءَ وشواس تي مضبوطيءَ سان قائم رهون، جنهن جو اسين اقرار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جو مهان سردار ڪاهن اهو آهي جيڪو آڪاش تي ايشور وٽ وڃي ويٺو آهي، يعني ايشور جو پٽ يسوع.


جيتوڻيڪ هو ايشور جو پٽ هو، تڏهن بہ هن تڪليفون سهي ڪري فرمانبردار رهڻ سکيو.


موسيٰ جو نيم تہ انهن کي سردار ڪاهن مقرر ڪري ٿو جيڪي ڪمزور انسان آهن، پر اهو قسم، جيڪو نيم کان پوءِ ايشور کنيو، سو سندس پٽ کي هميشہ جي لاءِ ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿو ڪري.


هو بنا پتا، بنا ماتا ۽ بنا ابن ڏاڏن جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي جيون جي پڄاڻي، بلڪ هو ايشور جي پٽ جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.


نہ تہ سنسار جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي ٻليدان ڪرڻ سان پاپ کي مِٽائي ڇڏي.


سنسار جي بڻائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو هو، پر هن انتم زماني ۾ اوهان جي خاطر کيس ظاهر ڪيو ويو.


سڀ کان پهريائين اوهان کي اهو ڄاڻڻ گھرجي تہ هن انتم زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين برين خواهشن موجب هلندا. اهي ٺٺوليون ڪندي


”انتم زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌ڌرميءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ