Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 6:2 - Hindu Sindhi Bible

2 اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي نيم کي پورو ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اوهين هڪ ٻئي جو بار کڻو، ۽ انهي طرح مسيح جي شريعت پوري ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي شريعت کي پورو ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اوھين ھڪٻئي جا بار کڻو، اھڙيءَ طرح مسيح جي شريعت کي پورو ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 6:2
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اهي ڪم ڪري سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي چيل وچن کي پورو ڪري ڏيکاريو تہ ”هن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون، هائو، اسان جا سڀ مرض پنهنجي سر تي کنيا.“


تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ بہ، اي نيم شاستريؤ! جو اوهين ماڻهن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪريو.


آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو.


اهو ئي منهنجو حڪم آهي تہ اوهين هڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوهان سان پيار ڪيو آهي.


انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو وشواس مضبوط آهي سي ڪمزور وشواس وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن.


پوِتر آتما جي حڪمراني جيڪا اسان کي يسوع مسيح ۾ جيون ڏئي ٿي، تنهن اسان کي پاپ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي.


غير قومون جيڪي نيم کان سواءِ آهن، تن لاءِ آءٌ انهن جهڙو بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ ايشور جي نيم کان سواءِ ڪين هئس. اهو ائين جو آءٌ مسيح جي نيم جو پابند هئس.


اهڙيءَ طرح هر ڪو ماڻهو پنهنجو ٻوجھہ پاڻ کڻندو.


انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي ڌيرج سان پيش اچو.


پر جيڪو ماڻهو سچ جي انهيءَ سنديش يعني آزادي ڏيندڙ ڪامل نيم کي ڌيان سان ڏسندو ٿو رهي ۽ ٻُڌي ڪري وساري نہ ٿو، بلڪ انهيءَ تي عمل ٿو ڪري سو ئي پنهنجي ڪمن ۾ آسيس وارو ٿيندو.


ياد رکو، اوهان جو فيصلو آزادي ڏيندڙ نيم جي انهيءَ مهان حڪم مطابق ٿيڻو آهي. تنهنڪري پنهنجو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلت چلت نيڪ رکو،


پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏهن اوهين ايشور جي انهيءَ راجائي حڪم تي عمل ڪندي پنهنجي هم‌وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.


هو پاڻ اسان جا پاپ پنهنجي شرير تي کڻي سوليءَ تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاپن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيوت رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انهن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سهي پر انهيءَ واٽ تي هلڻ واري پوِتر حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو هو. سو انهن لاءِ سٺو ٿئي ها جو اهي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ها.


جيڪي ايشور جو سنديش ڏيندڙ پوِتر سنت اڳي ڪري ويا آهن. انهن سان گڏ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ جو سچائيءَ جي واٽ تي هلڻ وارو اهو حڪم بہ ياد ٿو ڏياريان، جيڪو اوهان کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي وسيلي ڏنو ويو هو.


جڏهن تہ مسيح جي طرفان اسان کي اهو حڪم مليو آهي تہ جيڪو ايشور سان پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي هم‌وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ