Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:25 - Hindu Sindhi Bible

25 هاڻي جيئن تہ اسين پوِتر آتما جي ڪري جيوت آهيون، سو اسان کي هلڻ بہ پوِتر آتما جي هدايت موجب کپي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 جيڪڏهن اسين روح جي ڪري جيئون ٿا، تہ اسان کي هلڻ بہ روح پٽاندر کپي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 هاڻي جيئن تہ اسين پاڪ روح جي ڪري جيئرا آهيون، سو اسان کي هلڻ بہ پاڪ روح جي هدايت موجب کپي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 جڏھن تہ اسين پاڪ روح جي ڪري جيئرا آھيون، تڏھن اسان کي ھلڻ بہ پاڪ روح جي ھدايتن موجب کپي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:25
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيون ڏيڻ واري تہ آتما آهي، شرير ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي آتما آهن ۽ جيون بہ.


پر جيڪڏهن مسيح اوهان ۾ آهي، پوءِ توڙي جو پاپ جي ڪري اوهان جو شرير مئل آهي، تڏهن بہ ايشور ڏانهن سچار هئڻ ڪري جيون بخشيندڙ پوِتر آتما اوهان ۾ آهي.


پوِتر آتما جي حڪمراني جيڪا اسان کي يسوع مسيح ۾ جيون ڏئي ٿي، تنهن اسان کي پاپ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي.


جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”پهريون انسان آدم جيوت جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ آخري آدم يعني مسيح آتمڪ شرير ٿي جيون بخشيندڙ بڻيو.


اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين ٻڌل وچن جا سيواداري هئڻ جي لائق ڪيو. اهو وچن لکيل نيم جو نہ پر پوِتر آتما جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل نيم جو اثر موت آهي جڏهن تہ پوِتر آتما جيون ڏئي ٿي.


پر آءٌ چوان ٿو تہ پوِتر آتما جي هدايت تي هلو، تہ پوءِ اوهين انساني فطرت جي خواهشن کي ڪڏهن بہ پورو نہ ڪندا،


ياد رکو تہ حقيقي ختنو ڪرايل اسين آهيون، جيڪي ايشور جي پوِتر آتما جي مرضيءَ سان جيون گذاريون ٿا، يسوع مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ شرير وارين ڳالهين تي وشواس نہ ٿا رکون.


مئلن جي عدالت انهيءَ ڪري جو جڏهن اهي جيوت هئا، تڏهن انهن کي بہ مسيح بابت خوشخبري انهيءَ مقصد لاءِ ٻڌائي ويئي هئي تہ جيئن آتمڪ طور اهي ايشور آڏو جيوت رهن، جيتوڻيڪ هن پاپي سنسار ۾ سندن جيوت ئي ماڻهن طرفان عدالت ڪئي ويئي هئي.


اِنهن ساڍن ٽن ڏينهن کان پوءِ ايشور انهن شاهدن ۾ وري جيون جي آتما ڦوڪي ۽ اهي اُٿي کڙا ٿيا. جيڪي کين ڏسي رهيا هئا، تن کي ڏاڍي دهشت وٺي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ