Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:24 - Hindu Sindhi Bible

24 اسين جيڪي يسوع مسيح جا آهيون، تن انساني فطرت کي ان جي سوچن ۽ برين خواهشن سميت سوليءَ تي چاڙهي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ جيڪي مسيح يسوع جا آهن، تن جسم کي انهي جي خواهشن ۽ سَڌن سميت صليب تي چاڙهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 اسين جيڪي عيسيٰ مسيح جا آهيون، تن انساني فطرت کي ان جي سوچن ۽ برين خواهشن سميت صليب تي چاڙهي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھن، تن انساني فطرت کي ان جي لاڙن ۽ برين خواھشن سميت صليب تي چاڙھي ڇڏيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:24
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اٽلندو پرڀو يسوع مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪي ڇڏيو ۽ شرير جي خواهشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي شرير تان پاپ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين پاپ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،


هاڻي جيڪڏهن اوهين انساني فطرت موجب جيون گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏهن پوِتر آتما جي وسيلي انساني فطرت وارن خراب ڪمن کي ناس ڪندا تہ جيوت رهندا.


پر اوهين انساني فطرت موجب نہ بلڪ پوِتر آتما موجب هلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهان ۾ ايشور جي آتما رهي ٿي. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جي آتما نہ آهي سو مسيح جو نہ آهي.


پر هر ڪو پنهنجي واري تي جيوت ڪيو ويندو. ان جو پهريون ڦل مسيح آهي ۽ پوءِ سندس موٽي اچڻ تي اهي جيوت ڪيا ويندا جيڪي مسيح جا آهن.


جڏهن تہ اوهين سڀيئي مسيح جا آهيو ۽ مسيح ايشور جو آهي.


بيشڪ، ”کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ ۽ ايشور ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيندو.“ پر انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ شرير زناڪاريءَ لاءِ آهي. اهو تہ پرڀو يسوع جي سيوا لاءِ آهي ۽ هو ئي انهيءَ جو مالڪ آهي.


اوهين رڳو ظاهري صورت تي نظر ڪريو ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ تي اهو يقين آهي تہ هو مسيح جو آهي، تہ انهيءَ کي وري دل ۾ اهو بہ سوچڻ گھرجي تہ جيئن هو پاڻ مسيح جو آهي، تيئن اسين بہ آهيون.


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيوت نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيوت آهي. هاڻي جيڪو جيون آءٌ هن شرير ۾ گذاريان ٿو سو ايشور جي پٽ تي وشواس رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ جي وسيلي اوهين سڀيئي ايشور جا ٻار بڻجي ويا آهيو.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي يسوع مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا ناريءَ جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


هاڻي جيڪڏهن اوهين مسيح جا آهيو تہ پوءِ ابرهام جي پيڙهي آهيو ۽ ايشور جي وچن موجب وارث بہ آهيو.


بتن جي پوجا، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، ساڙ، ڪاوڙ، ذاتي لالچ، جدايون ۽ ڌڙابندي،


پر ايشور نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي سوليءَ جي. هن جي سوليءَ واري موت سان سنسار منهنجي لاءِ مري چڪو آهي ۽ آءٌ سنسار جي لاءِ.


انهيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوهان غير قومن جي خاطر ۽ يسوع مسيح جي واسطي قيدي آهيان، اوهان لاءِ پرارٿنا ٿو ڪريان.


اهو سڀ ايشور شروع کان ئي پنهنجي ڪيل ارادي موجب اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي پورو ڪيو.


اهو ڀيد هي آهي تہ يسوع مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي ايشور جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي شرير جا عضوا آهن ۽ ايشور جي وچن ۾ حصيدار آهن.


مسيح ۾ اوهان جو اهڙو ختنو ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ شريري فطرت کي لاٿو وڃي ٿو.


اي پريميؤ! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هن سنسار ۾ پاڻ کي پرديسي ۽ مسافر سمجھي شرير جي انهن خواهشن کان پري رهو، جيڪي اوهان جي آتما سان جنگ ٿيون جوٽين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ