Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:18 - Hindu Sindhi Bible

18 پر جيڪڏهن اوهين پوِتر آتما جي هدايت تي هلو ٿا تہ نيم جي وس هيٺ نہ آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پر جي اوهين روح جي هدايت تي هلندا تہ شريعت جي ماتحت نہ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پر جيڪڏهن اوهين پاڪ روح جي هدايت تي هلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 پر جيڪڏھن اوھين پاڪ روح جي ھدايتن تي ھلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جي آتما ايندي، تڏهن اها پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندي. اها پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندي، پر ايشور کان جيڪو ٻڌندي سو ئي چوندي ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندي.


منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ساڳيءَ طرح مسيح جي موت جي وسيلي اوهين بہ نيم جي لحاظ کان مري ويا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مسيح سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي هڪ ٿي وڃو، جيڪو مئلن مان جيوت ٿيو. انهيءَ طرح اسين سڀ ايشور جي لائق ڦل جھلينداسين.


تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين انساني فطرت جا قرضدار نہ آهيون جو انهيءَ موجب جيون گذاريون.


سو جيڪي ايشور جي آتما جي هدايت موجب هلن ٿا سي ئي ايشور جا ٻار آهن.


پر آءٌ چوان ٿو تہ پوِتر آتما جي هدايت تي هلو، تہ پوءِ اوهين انساني فطرت جي خواهشن کي ڪڏهن بہ پورو نہ ڪندا،


نماڻائي ۽ پرهيزگاري. اهڙين ڳالهين جي برخلاف ڪوبہ نيم نہ آهي.


هاڻي جيئن تہ اسين پوِتر آتما جي ڪري جيوت آهيون، سو اسان کي هلڻ بہ پوِتر آتما جي هدايت موجب کپي


اسين هي بہ ڄاڻون ٿا تہ نيم نيڪ ماڻهن لاءِ نہ ٺهيو آهي. پر اهو نافرمانن ۽ فسادين، بي‌ڌرمين ۽ پاپين، ايشور جي ڳالهين کي ڌڪاريندڙن ۽ ايشور جي نندا ڪندڙن لاءِ ۽ انهن لاءِ ٺهيو آهي جيڪي ماتا پتا کي ماريندڙ آهن ۽ جيڪي خوني آهن.


ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور اسان کي بزدليءَ واري آتما نہ ڏني آهي، پر شڪتيءَ واري، پريم واري ۽ خود ضابطي واري آتما ڏني اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ