Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:30 - Hindu Sindhi Bible

30 پر پوِتر شاستر ڇا ٿو چوي؟ اهو تہ ”داسيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ داسيءَ جو پٽ، آزاد پتنيءَ جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 مگر پاڪ ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ: ڇالاءِ جو ٻانهيءَ جو پٽ آزاد جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 پر پاڪ ڪلام ڇا ٿو چوي؟ اهو تہ ”ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻانهيءَ جو پٽ، آزاد زال جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 مگر پاڪ ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ اھو تہ ”ٻانھيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ. ڇالاءِ⁠جو ٻانھيءَ جو پٽ، آزاد زال جي پٽ سان گڏ ھرگز وارث نہ ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:30
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنهن بہ خاندان ۾ غلام تہ عارضي طور رهي ٿو، پر پٽ هميشہ تائين.


ايشور پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ ايلياہ بني اسرائيل جي خلاف ايشور آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ


ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ابرهام ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“


پر پوِتر شاستر ظاهر ڪري ٿو تہ سڄو سنسار پاپ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو ايشور جو وچن يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.


انهيءَ ڳالهہ جي پوِتر شاستر اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ ايشور غير قومن کي وشواس آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابرهام کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي آسيس ملندي.“


ان ۾ لکيل آهي تہ ابرهام کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙو داسيءَ مان ۽ ٻيو سندس پتنيءَ مان.


مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين داسيءَ جا نہ، پر آزاد پتنيءَ جا ٻار آهيون.


ڇا اوهين ائين ٿا سمجھو تہ پوِتر شاستر جو ائين چوڻ اجايو آهي تہ جيڪا آتما ايشور اسان ۾ رهڻ لاءِ وڌي آهي، تنهن لاءِ هو سخت غيرتمند آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ