Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:26 - Hindu Sindhi Bible

26 پر ايشور جي شرڻ وارو يروشلم آزاد آهي ۽ اها ئي وسندي اسان جي ماتا سارہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 پر يروشلم جو مٿي آهي سو آزاد آهي، ۽ اُها اسان جي ماءُ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 پر خدا جي حضوريءَ وارو يروشلم آزاد آهي ۽ اها ئي وسندي اسان جي ماءُ سارہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 پر آسماني يروشلم آزاد آھي ۽ اھا اسان جي ماءُ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:26
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري جيڪڏهن پٽ اوهان کي آزاد ڪندو تہ اوهين سچ پچ آزاد ٿيندا.


سو اڳتي پاپ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين نيم جي وس هيٺ نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيو.


هائو، اوهين پاپ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو.


ان ۾ لکيل آهي تہ ابرهام کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙو داسيءَ مان ۽ ٻيو سندس پتنيءَ مان.


جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت نيم جي غلاميءَ ۾ آهي.


مسيح اسان کي آزاد رهڻ لاءِ ئي آزاد ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين انهيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو.


جڏهن تہ اسين جن جو ديس آڪاش تي آهي، سي وڏي چاهہ سان انهيءَ مڪتي ڏيندڙ، يعني پرڀو يسوع مسيح جي اتان موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهيون.


ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي جيوت ايشور جي شهر وارن جيان ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. اتي آڪاشي يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار دوتن جي محفل آهي.


اوهين آزاد تہ آهيو، پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بهانو نہ بڻايو، بلڪ ايشور جي داسن وانگر جيون گذاريو.


پوءِ آڪاش ۾ هڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني هڪ ناري نظر آئي، جنهن کي سج چادر جيان ويڙهيل هو، چنڊ انهيءَ جي پيرن هيٺان هو ۽ سندس مٿي تي ٻارهن تارن جو تاج پاتل هو.


انهيءَ ناريءَ جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، وئشيائن ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماتا،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي.


مون پوِتر شهر، يعني نئون يروشلم ايشور وٽان آڪاش مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ايشور جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي ايشور جو نالو ۽ پنهنجي ايشور جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي ايشور وٽان آڪاش کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ