Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:25 - Hindu Sindhi Bible

25 جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت نيم جي غلاميءَ ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 هاڻي اها هاجرہ عرب جو سينا جبل آهي، ۽ هاڻوڪي يروشلم جي برابر آهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجن ٻارن سميت غلاميءَ ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت شريعت جي غلاميءَ ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 ھاڻي اھا ھاجرہ عربستان جي سينا جبل جي مثل آھي ۽ ان جي ڀيٽ ھاڻوڪي يروشلم سان ڪري سگھجي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھو شھر بہ پنھنجي رھاڪن سميت غلاميءَ ۾ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:25
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”يروشلم! اي يروشلم! تون سنديش ڏيندڙ سنتن جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


يروشلم! اي يروشلم! تون سنديش ڏيندڙ سنتن جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


اهي تو کي ۽ تنهنجي رهاڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا ۽ تو ۾ سِر سِر تي رهڻ نہ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏهن ايشور تو کي بچائڻ لاءِ تو تي ڪرپا جي نظر ڪئي هئي.“


انهن چيو تہ ”اي گليليؤ! اوهين آڪاش ڏانهن ڇو ٿا بيٺا نهاريو؟ اهو ئي يسوع، جيڪو اوهان وٽان آڪاش ڏانهن کڄي ويو آهي، سو ساڳيءَ طرح وري موٽي ايندو جيئن اوهان کيس آڪاش ڏانهن ويندي ڏٺو آهي.“


نڪي آءٌ يروشلم ۾ انهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن وٽ ويس جيڪي مون کان اڳي مقرر ٿيل هئا. پر آءٌ هڪدم عربستان ڏانهن هليو ويس ۽ پوءِ اتان موٽي دمشق شهر ۾ آيس.


انهن ڳالهين مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو تہ اهي ٻہ ناريون ڄڻ تہ ٻہ ٻڌل وچن آهن. انهن مان هڪڙي ناري هاجرہ عربستان جي سينا جبل واري ٻڌل وچن مثل آهي، جنهن مان غلام ئي پيدا ٿين ٿا.


پر ايشور جي شرڻ وارو يروشلم آزاد آهي ۽ اها ئي وسندي اسان جي ماتا سارہ آهي.


اوهان جي هلت چلت چڱي هئڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اوهين ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. ائين نہ آهي جو اوهين ڌرتيءَ تي ڪنهن اهڙي جاءِ وٽ آيا آهيو جتي باهہ پئي ٻري ۽ ڪاراڻ، اونداهي ۽ طوفان آهي، جيئن سينا جبل وٽ بني اسرائيل وارن سان ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ