Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:18 - Hindu Sindhi Bible

18 جذبو رکڻ تہ سٺي ڳالهہ آهي، پر شرط هي آهي تہ نيت بہ صاف هجي. آءٌ هميشہ ائين ٿو ڪريان، نہ رڳو تڏهن جڏهن آءٌ اوهان سان گڏ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هاڻي ڪنهن چڱي سبب ڪري ماڻهوءَ کي پيار ڪرڻ گهرجي ۽ نہ فقط منهنجي روبرو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جذبو رکڻ تہ سٺي ڳالهہ آهي، پر شرط هي آهي تہ نيت بہ صاف هجي. آءٌ هميشہ ائين ٿو ڪريان، نہ رڳو تڏهن جڏهن آءٌ اوهان سان گڏ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 پنھنجي طرف ڪرڻ جو جذبو تہ سٺي ڳالھہ آھي، بشرطيڪ نيت صاف ھجي. پر ائين ھميشہ ڪيو وڃي، نہ رڳو تڏھن جڏھن آءٌ اوھان ۾ موجود ھجان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سندس چيلن کي پوِتر شاستر جي اها لکت ياد آئي تہ ”اي ايشور! تنهنجي گھر لاءِ منهنجي غيرت مون کي جلائيندي.“


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. پرڀو يسوع جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس سيوا ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


جڏهن مون اوهان کي پهريون دفعو خوشخبري ٻڌائي هئي؟ نہ، جيتوڻيڪ اوهين ڄاڻو پيا تہ آءٌ شرير جي هيڻائيءَ ۽ بيماريءَ جي سبب اوهان وٽ آيو هئس.


اهي نيم جا پابند اوهان کي پنهنجو بڻائڻ لاءِ جذبو تہ رکن ٿا، پر سندن نيت صاف نہ آهي. اهي اوهان کي مون کان ڌار ڪرڻ چاهين ٿا تہ جيئن اوهين رڳو انهن لاءِ ئي جذبو رکو.


دل چوي ٿي تہ آءٌ هاڻي ئي اوهان وٽ پهچي نرميءَ سان اوهان کي سمجھايان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي باري ۾ ڏاڍو منجھي پيو آهيان.


اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجو روزانو جيون مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پوِتر آتما ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي وشواس وڌندو رهي.


تنهنڪري اي منهنجا پريميؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل مڪتيءَ جو مقصد پورو ٿئي.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پوِتر ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي ڇينڀ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ