Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:13 - Hindu Sindhi Bible

13 جڏهن مون اوهان کي پهريون دفعو خوشخبري ٻڌائي هئي؟ نہ، جيتوڻيڪ اوهين ڄاڻو پيا تہ آءٌ شرير جي هيڻائيءَ ۽ بيماريءَ جي سبب اوهان وٽ آيو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر اوهين ڄاڻو ٿا تہ پهريون ڀيرو مون اوهان کي جسم جي هيڻائيءَ ۽ ڪمزوريءَ ڪري، خوشخبري ٻُڌائي هئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن مون اوهان کي پهريون دفعو خوشخبري ٻڌائي هئي؟ نہ، جيتوڻيڪ اوهين ڄاڻو پيا تہ آءٌ جسم جي هيڻائيءَ ۽ بيماريءَ جي سبب اوهان وٽ آيو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 جيئن تہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ مون پھرين دفعي جسم جي ھيڻائيءَ ۽ بيماريءَ سبب اوھان کي خوشخبري ٻڌائي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.


جيئن تہ پوِتر آتما هنن کي آسيا صوبي ۾ سنديش جي پرچار ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اوڏانهن وڃڻ جي بدران هو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان گذريا.


آءٌ اوهان وٽ ڪمزوريءَ، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ واري حالت ۾ آيس.


بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“


جيڪڏهن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انهن ڳالهين تي فخر ڪندس، جيڪي منهنجي ڪمزوري ظاهر ڪن ٿيون.


پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ گيان ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.


هائو، جيتوڻيڪ هو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور بڻائي سوليءَ تي چڙهي ويو، تڏهن بہ ايشور جي شڪتيءَ سان جيوت آهي. ساڳيءَ طرح مسيح جا هئڻ ڪري اسين بہ ڪمزور بڻيا آهيون، پر ساڻس گڏ جيوت رهندي اسين ايشور جي شڪتيءَ سان اوهان سان واسطو رکنداسين.


مون کي عجب ٿو لڳي تہ ايشور جنهن اوهان کي مسيح جي ڪرپا جي وسيلي سڏيو، تنهن کان اوهين ايترو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو،


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين مون جهڙا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ٿيو آهيان. ڇا اوهان مون سان ڪا بدسلوڪي ڪئي


توڙي جو منهنجي شريري حالت اوهان لاءِ هڪ آزمائش هئي، تڏهن بہ اوهان مون کي نڪي نيچ سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوهان مون کي ايشور جي دوت وانگر، بلڪ يسوع مسيح وانگر ڪري قبول ڪيو.


جذبو رکڻ تہ سٺي ڳالهہ آهي، پر شرط هي آهي تہ نيت بہ صاف هجي. آءٌ هميشہ ائين ٿو ڪريان، نہ رڳو تڏهن جڏهن آءٌ اوهان سان گڏ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ