Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:8 - Hindu Sindhi Bible

8 انهيءَ ڳالهہ جي پوِتر شاستر اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ ايشور غير قومن کي وشواس آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابرهام کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي آسيس ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ ڳالهہ جي پاڪ ڪلام اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ خدا غير قومن کي ايمان آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابراهيم کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پاڪ ڪلام جي پيشنگوئي ھئي تہ خدا غير قومن کي ايمان جي وسيلي سچار بڻائيندو. سو ھن اڳي ئي اھا خوشخبري ابراھيم کي ٻڌائي تہ ”تنھنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:8
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري ٻي پوِتر لکت ۾ آهي تہ ”ماڻهو انهيءَ ڏانهن ڏسندا، جنهن کي گھاءُ ڏيئي زخمي ڪيو هئائون.“


هائو، جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو، تنهن بابت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’انهيءَ جي اندر مان جيون ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون وهنديون رهنديون.‘“


ڇا پوِتر شاستر نہ ٿو چوي تہ مسيح راجا دائود جي پيڙهي مان هوندو ۽ بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جتي دائود پيدا ٿيو هو؟“


جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘


پوِتر شاستر ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح ايشور فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي راجا انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي شڪتي ظاهر ڪريان ۽ سنسار ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“


ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن وشواس رکڻ جي ڪري ئي ٿيو.


ايشور جا وچن بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابرهام ۽ سندس پيڙهيءَ سان ڪيا. ڏسو، پوِتر شاستر ائين نہ ٿو چوي تہ ”پيڙهين سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”پيڙهيءَ سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.


پر پوِتر شاستر ظاهر ڪري ٿو تہ سڄو سنسار پاپ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو ايشور جو وچن يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.


پر پوِتر شاستر ڇا ٿو چوي؟ اهو تہ ”داسيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ داسيءَ جو پٽ، آزاد پتنيءَ جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو.“


ڏسو، ايشور کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري سنديش مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون.


جڏهن ستين دوت توتارو وڄايو تہ آڪاش ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”سنسار جو راڄ اسان جي پرڀو پرميشور ۽ سندس مسيح جو ٿي ويو آهي. پرڀو پرميشور هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندو رهندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ