Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:5 - Hindu Sindhi Bible

5 ڇا نيم تي عمل ڪرڻ ڪري ايشور اوهان کي پوِتر آتما بخشي ٿو ۽ اوهان ۾ چمتڪار ٿو ڪري؟ هرگز نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ اوهان مسيح بابت خوشخبري ٻڌي وشواس آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جيڪو اوهان کي روح ٿو بخشي، ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري، سو اوهان جي شريعت جي ڪمن سببان ائين ٿو ڪري، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ جي سببان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ڇا شريعت تي عمل ڪرڻ ڪري خدا اوهان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري؟ هرگز نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ اوهان مسيح بابت خوشخبري ٻڌي ايمان آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 خدا اوھان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوھان ۾ معجزا ڪري ٿو. پوءِ ڇا ھو اھو ڪم اوھان جي شريعت جي ڪمن ڪرڻ سبب ٿو ڪري يا خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ سبب؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ پرڀو يسوع بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. پرڀوءَ سندن هٿان چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي ڪرپا بابت سندن سنديش کي سچو ثابت ٿي ڪيو.


سو وشواس سنديش ٻڌڻ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو سنديش آهي مسيح بابت پرچار.


اهي ڪم ڪرامتن ۽ چمتڪارن جي طاقت وسيلي يعني پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي پرچار واري سيوا پوري ڪري ڇڏي آهي.


پوِتر آتما ڪنهن کي چمتڪار ڪرڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان ٿي بخشي. ڪنهن کي سچين ۽ ڪوڙين آتمائن کي سڃاڻڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿي.


ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار سنساري نہ، پر ايشور جي شڪتيءَ وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،


جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس تہ مون وڏي بردباريءَ سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ چمتڪارن ذريعي اوهان تي اها حقيقت ظاهر ڪئي تہ آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان.


انهيءَ مان اوهان کي پنهنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منهنجي معرفت ڳالهائي ٿو. هو اوهان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آهي، پر اوهان ۾ پنهنجي طاقت جو اظهار ڪري ٿو.


سو جيڪڏهن موت واري اها سيوا ايڏي جوت واري هئي، تہ پوءِ پوِتر آتما جي سيوا ڪيڏي نہ وڌيڪ جوت واري هوندي!


ايشور جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ واري کي روٽي ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيئي انهيءَ کي وڌائيندو ۽ اوهان جي سخاوت جي ڦل ۾ واڌارو آڻيندو.


آءٌ اوهان کان رڳو ايترو پڇڻ ٿو گھران تہ پوِتر آتما اوهان کي خوشخبري ٻڌي وشواس آڻڻ ڪري ملي يا نيم تي عمل ڪرڻ ڪري؟


ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جي پرارٿنائن ۽ يسوع مسيح جي مليل آتما جي مدد سان آءٌ قيد مان ڇڏائجي ويندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ