Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:27 - Hindu Sindhi Bible

27 اوهان سڀني مسيح جا ٿيڻ جي بپتسما وٺي مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 هن ڪري جو اوهان مان جيترن بہ مسيح ۾ شامل ٿيڻ جي بپتسما ورتي، تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 اوهان سڀني مسيح جا ٿيڻ جي بپتسما وٺي مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان جيترن بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي وڃڻ جي بپتسما ورتي تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:27
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر سندس پتا نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي اچي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.


پوءِ جڏهن انهيءَ ناريءَ پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي پرڀو يسوع تي وشواس رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي.


تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي.


ڇاڪاڻ تہ انهن مان اڃا ڪنهن تي بہ پوِتر آتما پرگھٽ نہ ٿي هئي. انهن کي رڳو پرڀو يسوع جي نالي تي بپتسما ڏني ويئي هئي.


تڏهن هڪدم مڇيءَ جي ڇلر جهڙي ڪا شيءِ سائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. پوءِ هن اُٿي بپتسما ورتي


اٽلندو پرڀو يسوع مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪي ڇڏيو ۽ شرير جي خواهشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ ايشور انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


اهڙيءَ طرح انهيءَ ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ پنهنجي رهنماءَ موسيٰ جي بپتسما ورتي.


جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پوِتر آتما جي وسيلي هڪڙي شرير ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما اسان سڀني کي پيئاري ويئي.


ائين اوهين نئين فطرت کي لباس وانگر پهري ڇڏيو، جيڪا ايشور ۾ موجود حقيقي سچائيءَ ۽ پوِترتائيءَ سان پيدا ڪيل آهي.


۽ نئين فطرت کي پهري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن اها نئين فطرت پنهنجي ڪرتار جي روپ موجب نئين ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن اوهين ايشور جي ڄاڻ ۾ وڌندا وڃو ٿا.


اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ شرير جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان ايشور سان وچن ڪجي. اها بپتسما يسوع مسيح جي وري جيوت ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ