Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:23 - Hindu Sindhi Bible

23 پر انهيءَ وشواس واري واٽ ملڻ کان اڳ اسين نيم جي پهري هيٺ قيد ۾ هئاسين. هائو، وشواس واري واٽ ظاهر ڪئي وڃڻ تائين اسين نيم جا پابند رهياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 پر ايمان اچڻ کان اڳي اسين شريعت جي هيٺ بند هئاسين، ۽ جو ايمان پوءِ ظاهر ٿيڻو هو، تنهن لاءِ بند ڪري رکيا وياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پر انهيءَ ايمان واري واٽ ملڻ کان اڳ اسين شريعت جي پهري هيٺ قيد ۾ هئاسين. هائو، ايمان واري واٽ ظاهر ڪئي وڃڻ تائين اسين شريعت جا پابند رهياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 پر انھيءَ ايمان جي اچڻ کان اڳ اسين شريعت جي نگھبانيءَ ۾ قيد ھئاسين ۽ ايمان جي اچڻ تائين، جيڪو پوءِ ظاھر ٿيڻ وارو ھو، اسين شريعت جا پابند رھياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:23
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ جنهن کي ايشور موڪليو آهي سو ايشور جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ايشور کيس پنهنجي آتما بي‌حساب بخشي ٿو.


مطلب تہ ايشور سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو آهي، تہ جيئن هو سڀني تي ديا ڪري.


پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جي نيم ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي انهيءَ نيم جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي سنسار سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات ايشور آڏو پاپي قرار ڏني وڃي.


تہ پوءِ نيم جو مقصد ڇا آهي؟ بعد ۾ نيم انهيءَ لاءِ ڏنو ويو تہ جيئن ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ظاهر ٿئي. نيم جو مدو ابرهام جي انهيءَ پيڙهيءَ جي اچڻ تائين هو، جنهن لاءِ ايشور وچن ڪيو هو. اهو نيم دوتن جي انتظام سان هڪ وچ واري يعني موسيٰ جي معرفت ڏنو ويو.


اوهين جيڪي موسيٰ جي نيم جي وس هيٺ رهڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوهين نيم جون ڳالهيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟


پر جيڪڏهن اوهين پوِتر آتما جي هدايت تي هلو ٿا تہ نيم جي وس هيٺ نہ آهيو.


اهو وشواس ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو ايشور ساڻن وچن ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين يسوع تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي وشواس جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري سوليءَ جي تڪليف سٺي ۽ ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ