Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:13 - Hindu Sindhi Bible

13 هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي نيم تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو سوليءَ تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 مسيح پاڻ اسان جي بدران لعنتي ٿي اسان کي شريعت جي لعنت کان ڇڏايو؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:13
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هي منهنجو رت آهي، جيڪو گھڻن ئي جي پاپن جي معافيءَ لاءِ وهائجي ٿو ۽ جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو.


تنهن تي يهوداہ اهي پئسا هيڪل ۾ ئي ڦٽا ڪري هليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏنائين.


توڙي جو اوهان يسوع کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماري ڇڏيو هو، تڏهن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور کيس وري جيوت ڪيو.


اسان جي پاپن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيوت ڪيو ويو.


مسيح جيڪو پاپ کان پوِتر هو، تنهن کي ايشور اسان جي واسطي پاپ جو ٻليدان مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ نيم تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون نيم شاستر ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“


انهيءَ لاءِ تہ نيم جي وس هيٺ رهڻ وارن کي هو عيوضو ڏيئي ڇڏائي ۽ اسان سڀني وشواسين کي ايشور جا ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي.


اوهين پيار ڀريو جيون گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ايشور جي آڏو خوشبودار ڀيٽا طور ٻليدان ڪري ڇڏيو.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پوِتر ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


پوِتر ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ امر مڪتي حاصل ڪئي.


انهيءَ ٻليدان جي وسيلي ئي مسيح ايشور ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين ٻڌل وچن جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي ايشور سڏيو آهي، سي سندس امر ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن وچن ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين ٻڌل وچن جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي پاپ کان آزاد ٿين.


نہ تہ سنسار جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي ٻليدان ڪرڻ سان پاپ کي مِٽائي ڇڏي.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي پاپن کي کڻي وڃڻ لاءِ ٻليدان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ پاپن لاءِ ٻليدان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي مڪتي ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


هو پاڻ اسان جا پاپ پنهنجي شرير تي کڻي سوليءَ تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاپن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيوت رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو.


پيار اهو نہ آهي تہ اسين ايشور سان پيار ڪريون ٿا، پر هي آهي تہ ايشور اسان سان پيار ڪندي پنهنجي پٽ کي اسان جي پاپن جو ڪفارو ڏيڻ واري ٻليدان طور موڪليو.


۽ يسوع مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي راجائن تي حڪم هلائيندڙ آهي. يسوع مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي پاپن کان مڪتي ڏني آهي


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون ڀڄن ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي ايشور جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ