Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:12 - Hindu Sindhi Bible

12 نيم جو وشواس سان ڪو واسطو ڪونهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو نيم جي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو، سو نيم جي ڳالهين لاءِ پيو جيون گذاريندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ شريعت جو ايمان سان ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر (لکيل آهي تہ) ”جيڪو انهي تي عمل ڪندو، سو انهي جي ڪري جيئرو رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو، سو شريعت جي ڳالهين لاءِ پيو زندگي گذاريندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونھي، بلڪ لکيل آھي تہ ”جيڪو شريعت جي ڳالھين تي عمل ڪري ٿو، سو انھن جي ڪري ئي جيئرو رھندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو ايشور ئي آهي. جيڪڏهن تون امر جيون حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“


جيئن تہ اها چونڊ ايشور جي ڪرپا موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ ايشور جي ڪرپا ڪرپا نہ ليکجي ها.


جيڪڏهن سنسار جي وارث بڻائڻ جو وچن ايشور انهن سان ڪيو هجي ها جيڪي نيم تي عمل ڪن ٿا، تہ پوءِ ايشور تي وشواس آڻڻ اجايو ۽ سندس وچن بيڪار ٿي پوي ها.


تنهنڪري اهو وچن وشواس رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو ايشور جي ڪرپا جي بخشش هجي، جيڪو ابرهام جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ نيم آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابرهام وانگر وشواس آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابرهام اسان سڀني جو پتا آهي،


۽ آءٌ مري ويس. اهڙيءَ طرح سڌ پيئي تہ نيم وارو اهو حڪم جنهن جو مقصد مون کي جيون بخشڻ هو، سو ئي منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ