گلتين 3:10 - Hindu Sindhi Bible10 اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ نيم تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون نيم شاستر ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ڇالاءِ تہ جيڪي بہ شريعت جي ڪمن تي يقين ٿا ڪن، سي سڀ لعنت هيٺ آهن؛ هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نٿو رهي، سو لعنتي آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible10 اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament10 ڇالاءِجو جيڪي بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نہ ٿو رھي، جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، سو لعنتي آھي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو موسيٰ جي نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ يسوع مسيح تي وشواس آندو تہ جيئن نيم تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي وشواس آڻڻ سبب ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ نيم تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان ايشور ڏانهن سچار نہ بڻبو.