گلتين 2:9 - Hindu Sindhi Bible9 سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ ايشور سچ پچ مون کي سيوا ڪرڻ جي ڪرپا بخشي آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي منڊليءَ جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ سيوا ڪريون ۽ هو يهودين ۾. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 ۽ جيڪو فضل مون کي ڏنو ويو سو جڏهن هنن کي معلوم ٿيو تڏهن، يعقوب ۽ ڪيفاس ۽ يوحنا، جي ڪليسيا جا ارڪان ليکبا هئا، تن مون کي ۽ برناباس کي پنهنجو ساڄو هٿ ڏيئي، شراڪت ۾ قبول ڪيو، انهي لاءِ تہ اسين غير قومن ڏانهن وڃون، ۽ هو مختونن وٽ وڃن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible9 سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ خدا سچ پچ مون کي خدمت ڪرڻ جو فضل عطا ڪيو آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ خدمت ڪريون ۽ هو يهودين ۾. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament9 يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو آڪاشواڻيءَ ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي جيڪي ماڻهو وشواسي منڊليءَ جا مانوارا سمجھيا ويندا هئا، تن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جو پرچار آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان سنتن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.
جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ايشور جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي ايشور جو نالو ۽ پنهنجي ايشور جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي ايشور وٽان آڪاش کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.