Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:21 - Hindu Sindhi Bible

21 مطلب تہ آءٌ ايشور جي ڪرپا کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن نيم جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 آئون خدا جي فضل کي اجايو نٿو وڃايان، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن راستبازي شريعت جي وسيلي ملي ها، تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 مطلب تہ آءٌ خدا جي فضل کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن شريعت جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 آءٌ خدا جي فضل کي بيڪار نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ⁠تہ سچائي جيڪڏھن شريعت جي وسيلي ملي ھا تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پنهنجين ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر ايشور جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.


تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو نيم وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن.


جيئن تہ اها چونڊ ايشور جي ڪرپا موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ ايشور جي ڪرپا ڪرپا نہ ليکجي ها.


اسان جي پاپن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيوت ڪيو ويو.


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن ايشور اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


هاڻ جيڪڏهن مسيح جيوت ٿي ڪونہ اٿيو آهي، تہ پوءِ اسان جو پرچار اجايو آهي ۽ اوهان جو وشواس رکڻ بہ اجايو آهي.


۽ جيڪڏهن مسيح جيوت ڪري نہ اٿاريو ويو آهي تہ اوهان جو وشواس رکڻ اجايو آهي ۽ اوهين اڃا تائين پنهنجن پاپن ۾ ڦاٿل آهيو.


انهيءَ جي ئي وسيلي اوهان کي مڪتي ملي ٿي، بشرطيڪ جيڪا خوشخبري اوهان کي ٻڌائي هئم، تنهن تي جيئن جو تيئن پابند رهندا اچو، نہ تہ اوهان جو وشواس آڻڻ بنا ڪنهن سوچ سمجھہ جي آهي.


تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو موسيٰ جي نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ يسوع مسيح تي وشواس آندو تہ جيئن نيم تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي وشواس آڻڻ سبب ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ نيم تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان ايشور ڏانهن سچار نہ بڻبو.


حقيقت ۾ نيم جي ڀت جيڪا مون ڊاهي ڇڏي آهي، سا جيڪڏهن وري اڏيان تڏهن آءٌ ڏوهاري قرار ڏنو ويندس.


تہ پوءِ نيم ايشور جي وچن کي رد ڪيو آهي ڇا؟ هرگز نہ. جيڪڏهن ڪو اهڙو نيم ڏنو وڃي ها جيڪو جيون ڏيئي سگھي ها تہ جيڪر سچائي نيم جي وسيلي ملي ها.


بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ نيم وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور ايشور لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ