Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:17 - Hindu Sindhi Bible

17 پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ ٿا گھرون، سي جيڪڏهن غير يهودين وانگر موسيٰ جي نيم جي نسبت ۾ پاپي ليکجون، تہ پوءِ ڇا اهو سمجھبو تہ مسيح پاپ ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو؟ هرگز نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر اسين جي چاهيون ٿا تہ مسيح ۾ راستباز ٺهرايا وڃون، سي جيڪڏهن پاڻ بہ گنهگار ٿي پونداسين، تہ پوءِ مسيح گناهہ جو باعث ٿيو ڇا؟ هرگز نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجڻ ٿا گھرون، سي جيڪڏهن غير يهودين وانگر شريعت جي نسبت ۾ گنهگار ليکجون، تہ پوءِ ڇا اهو سمجھبو تہ مسيح گناهہ ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو؟ هرگز نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي سچار بڻجڻ ٿا گھرون، جيڪڏھن پاڻ ئي گنھگار نڪري پئون تہ ڇا مسيح گناھہ جو ڪارڻ آھي؟ ھرگز نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يسوع رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي قوم کي سندن پاپن کان مڪتي ڏيندو.“


هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“ جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ايشور خير ڪري.“


انهيءَ مان ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ اهو تہ بني اسرائيل جنهن سچائيءَ جي ڳولا ڪندا ٿي رهيا، سا پوريءَ قوم کي نہ، بلڪ منجھائن ڪن ٿورن چونڊيلن کي ملي ۽ باقي ٻين جي دلين کي سخت ڪيو ويو،


چوڻ جو مطلب هي آهي تہ مسيح يهودين جو سيواداري انهيءَ لاءِ بڻيو، تہ جيئن جيڪي وچن ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا هئا سي پورا ڪري ايشور کي سچو ثابت ڪري


بلڪل نہ. ايشور هر حال ۾ سچو آهي توڙي جو هر انسان ڪوڙو هجي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ايشور! تون هميشہ پنهنجي وچنن ۾ سچو ثابت ٿيو آهين، ۽ عدالت ۾ تو سوڀ حاصل ڪئي آهي.“


ائين بلڪل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ائين هجي تہ پوءِ ايشور ڪيئن سنسار جي عدالت ڪندو؟


پر هڪ دفعي جڏهن پطرس انطاڪيا شهر ۾ آيو تہ مون آمهون سامهون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو صفا غلطيءَ تي هو.


بيشڪ آءٌ توڙي پطرس ڄائي ڄم کان يهودي آهيون ۽ غير يهودي جن کي پاپي ليکيو وڃي ٿو، تن مان نہ آهيون.


تہ پوءِ نيم ايشور جي وچن کي رد ڪيو آهي ڇا؟ هرگز نہ. جيڪڏهن ڪو اهڙو نيم ڏنو وڃي ها جيڪو جيون ڏيئي سگھي ها تہ جيڪر سچائي نيم جي وسيلي ملي ها.


پر ايشور نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي سوليءَ جي. هن جي سوليءَ واري موت سان سنسار منهنجي لاءِ مري چڪو آهي ۽ آءٌ سنسار جي لاءِ.


اتي هو انهيءَ پوِتر خيمي ۾ سيوا ٿو ڪري، جيڪو حقيقي پوِتر خيمو آهي ۽ جنهن کي انسان نہ پر پرميشور کوڙيو آهي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن پاپن کي کڻي وڃي ۽ هو ئي آهي جنهن ۾ پاپ آهي ئي ڪونہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ