گلتين 2:16 - Hindu Sindhi Bible16 تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو موسيٰ جي نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ يسوع مسيح تي وشواس آندو تہ جيئن نيم تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي وشواس آڻڻ سبب ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ نيم تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان ايشور ڏانهن سچار نہ بڻبو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 تہ بہ خبر اٿئون تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي ڪمن سان نہ، پر فقط يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان راستباز ٺهرايو ٿو وڃي. تنهنڪري اسان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو؛ تہ مسيح تي ئي ايمان آڻڻ ڪري اسين بہ راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ نہ شريعت جي ڪمن ڪري؛ ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن ڪري ڪوبہ انسان راستباز نہ ٺهربو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible16 تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان خدا ڏانهن سچار نہ بڻبو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament16 تنھن ھوندي بہ اسان کي خبر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان سچار بڻجي ٿو. تنھنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب سچار بڻجون. ڇالاءِجو شريعت جي ڪمن سبب ڪوبہ انسان سچار نہ بڻبو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |