Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:13 - Hindu Sindhi Bible

13 اتي وارا سڀ يهودي، جيڪي مسيح جا ٿيا هئا سي بہ اهڙي پاکنڊپائيءَ ۾ پطرس جو ساٿ ڏيڻ لڳا، ايتري قدر جو خود برنباس بہ انهن جي پاکنڊپائيءَ ۾ ڦاسي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ باقي ٻين يهودين بہ سندس جهڙو ڍونگ ڪيو، ايتري قدر جو خود برناباس بہ انهن جي چال ۾ ڦاسي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اتي وارا سڀ يهودي، جيڪي مسيح جا ٿيا هئا سي بہ اهڙي رياڪاريءَ ۾ پطرس جو ساٿ ڏيڻ لڳا، ايتري قدر جو خود برنباس بہ انهن جي رياڪاريءَ ۾ ڦاسي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 باقي ٻين يھودين، جيڪي مسيحي ٿيا ھئا تن پطرس سان ملي ڪري رياڪاري ڪئي. ايتري قدر جو خود برنباس بہ انھن جي رياڪاريءَ ۾ ڦاسي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح اوهين بہ ماڻهن کي ٻاهران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوهان جو اندر پاکنڊپائيءَ ۽ ايشور جي نافرمانيءَ سان ڀريل آهي.“


يوسف نالي هڪ لاوي هو جنهن جو ديس قبرص هو، تنهن کي سنتن برنباس جو لقب ڏنو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”همت‌افزائي ڪندڙ.“


اوهين ڄاڻو ٿا تہ پرڀو يسوع تي وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ اوهان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني ڀَٽڪائي گونگن بتن ڏانهن نيو ويندو هو.


تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، ”بري سنگت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.“


سو اوهان کي فخر ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خمير سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي؟


پر خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهان جي هيءَ آزادي ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ ڀَٽڪي وڃڻ جو سبب بڻجي.


آخرڪار چوڏهن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانهن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس.


سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ ايشور سچ پچ مون کي سيوا ڪرڻ جي ڪرپا بخشي آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي منڊليءَ جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ سيوا ڪريون ۽ هو يهودين ۾.


تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن ڀَٽڪائيندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي سکيا جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.


جدا جدا قسمن جي عجيب سکيا تي لڳي ڀَٽڪي نہ وڃو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي ايشور جي ڪرپا جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ