Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 1:8 - Hindu Sindhi Bible

8 ڏسو، جيڪا خوشخبري اسان اوهان کي ٻڌائي آهي، تنهن کان جيڪڏهن ڪو مختلف خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي، پوءِ اسين ائين ڪريون توڙي آڪاش مان ڪو دوت اچي ائين ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پر جيڪڏهن اسين، يا آسمان مان ڪو ملائڪ اوهان کي ڪا اهڙي خوشخبري ٻُڌائي، جا اسان اوهان کي نہ ٻُڌائي آهي، تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ڏسو، جيڪا خوشخبري اسان اوهان کي ٻڌائي آهي، تنهن کان جيڪڏهن ڪو مختلف خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي، پوءِ اسين ائين ڪريون توڙي آسمان مان ڪو ملائڪ اچي ائين ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پر جيڪڏھن اسين يا آسمان جو ڪو ملائڪ انھيءَ خوشخبريءَ جي بجاءِ جيڪا اسان اوھان کي ٻڌائي، ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي تہ انھيءَ تي شل لعنت ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 1:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس دوتن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


تنهن تي پطرس قسم کڻي چيو تہ ”ڪوڙي تي ايشور جي لعنت هجي. آءٌ تہ هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪونہ ٿو، جنهن جي اوهين ڳالهہ ٿا ڪريو.“


پوءِ اهي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آهي تہ جيستائين پولس کي نہ ماريون، تيستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون.


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جيڪا سکيا اوهان کي ملي آهي تنهن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رهجو.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ايشور جي آتما جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ يسوع لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پوِتر آتما کان سواءِ چئي سگھندو تہ يسوع ئي پرڀو آهي.


جيڪو پرڀو يسوع سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا پرڀو! اچ.


جيئن اسان اڳي ئي چيو آهي تيئن آءٌ هاڻي وري بہ چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي مليل خوشخبريءَ جي بدران ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ تي لعنت هجي.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ نيم تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون نيم شاستر ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي نيم تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو سوليءَ تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


وشواسي منڊليءَ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ ماڻهوءَ کي هڪ ٻہ دفعا نصيحت ڪر. جيڪڏهن پوءِ بہ نہ مڃي تہ ساڻس ڪوبہ واسطو نہ رک.


اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت نارين کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ پاپن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور وشواس وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ