Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:33 - Hindu Sindhi Bible

33 اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ پتيءَ کي پنهنجي پتنيءَ سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ پتنيءَ کي بہ پنهنجي پتيءَ جو ادب ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 مطلب هي آهي تہ اوهان مان هرڪو پنهنجيءَ زال کي اهڙو پيار ڪري جهڙو پاڻ کي ٿو ڪري؛ ۽ زال کي بہ گهرجي تہ پنهنجي مڙس کان ڊڄندي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ مڙس کي پنهنجيءَ زال سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنهنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 اھو اوھان سان بہ لاڳاپو رکي ٿو تہ اوھان مان ھر ھڪ مڙس کي پنھنجيءَ زال سان اھڙي محبت ڪرڻ گھرجي جھڙي ھو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنھنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:33
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اي پتنيؤ! اوهين پنهنجن پتين جي اهڙيءَ طرح وس هيٺ رهو جهڙيءَ طرح پرڀو يسوع جي،


ساڳيءَ طرح اي پتيؤ! اوهين پنهنجين پتنين سان پيار ڪريو، جهڙيءَ طرح مسيح منڊليءَ سان پيار ڪيو ۽ ان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.


اهو هڪڙو وڏو ڀيد آهي. پر هتي آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ڀيد جو واسطو مسيح ۽ منڊليءَ سان آهي.


اي پتيؤ! پنهنجين پتنين سان پيار ڪريو، انهن ڏانهن پنهنجي دل کٽي نہ ڪريو.


ڏسو، اسان جا سنساري پتا اسان کي سيکت ڏيندا هئا، تہ بہ اسين هنن جو مان‌سمان ڪندا رهيا آهيون. تہ پوءِ اسين پنهنجي آڪاشي پتا يعني ايشور جي ڇو نہ وڌيڪ آگيا مڃون تہ جيئن جيوت رهون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ