Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:32 - Hindu Sindhi Bible

32 اهو هڪڙو وڏو ڀيد آهي. پر هتي آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ڀيد جو واسطو مسيح ۽ منڊليءَ سان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 اِهو هڪڙو وڏو راز آهي: پر آئون مسيح ۽ ڪليسيا جي نسبت ۾ ٿو چوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اهو هڪڙو وڏو راز آهي. پر هتي آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 اھو ھڪڙو وڏو راز آھي. پر آءٌ چوان ٿو تہ انھيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:32
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گھوٽ اهو آهي جنهن جي ڪنوار آهي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي ٿو، سو انهيءَ تي ئي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انهيءَ گھوٽ جو دوست آهيان ۽ هاڻي منهنجي خوشي پوري ٿي آهي.


مون کي اوهان لاءِ ايشور جهڙي غيرت آهي. انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي هڪڙي پتيءَ، يعني مسيح سان مڱايو تہ جيئن اوهان کي پوِتر ڪنواريءَ وانگر هن وٽ حاضر ڪريان.


پتي پتنيءَ بابت پوِتر شاستر ۾ انهيءَ ڪري ئي لکيو ويو آهي تہ ”مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ ٻئي هڪ شرير ٿي ويندا.“


اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ پتيءَ کي پنهنجي پتنيءَ سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ پتنيءَ کي بہ پنهنجي پتيءَ جو ادب ڪرڻ گھرجي.


منهنجي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو تہ ڳالهائڻ وقت مون کي شڪتيءَ وارا لفظ ڏنا وڃن، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو ڀيد دليريءَ سان ظاهر ڪندو رهان.


اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو ڪريان تہ انهن جي دلين ۾ همت پيدا ٿئي ۽ اهي پيار سان پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهي پوري اعتماد سان سمجھہ واري اهڙي دولت حاصل ڪن جنهن سان ايشور جي ڀيد، يعني مسيح کي ڄاڻين،


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


ساڳيءَ طرح منڊليءَ جا سيوڪ بہ مانائتي ڪردار وارا هجن. اهي ٻِہ‌چاپڙا، نشئي ۽ لالچي نہ هجن.


مون پوِتر شهر، يعني نئون يروشلم ايشور وٽان آڪاش مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ