Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:28 - Hindu Sindhi Bible

28 سو پتين کي بہ پنهنجين پتنين سان اهڙيءَ طرح پيار ڪرڻ کپي، جهڙيءَ طرح هو پنهنجن شريرن سان ڪن ٿا. جيڪو پنهنجي پتنيءَ سان پيار ڪري ٿو سو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ساڳيو انهي طرح مڙسن کي بہ گهرجي تہ پنهنجين زالن کي ائين پيار ڪن جيئن پنهنجي بدن کي پيار ٿا ڪن. جيڪو پنهنجيءَ زال کي پيار ڪري ٿو سو پاڻ کي پيار ٿو ڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 سو مڙسن کي بہ پنهنجين زالن سان اهڙيءَ طرح پيار ڪرڻ کپي، جهڙيءَ طرح هو پنهنجن جسمن سان ڪن ٿا. جيڪو پنهنجيءَ زال سان پيار ڪري ٿو سو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 ساڳئي نموني مڙسن کي بہ پنھنجين زالن سان اھڙيءَ طرح محبت رکڻ کپي، جھڙيءَ طرح ھو پنھنجن جسمن سان رکن ٿا. جيڪو پنھنجيءَ زال سان محبت رکي ٿو سو پاڻ سان محبت رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:28
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ شرير ٿي ويندا.‘


ساڳيءَ طرح اي پتيؤ! اوهين پنهنجين پتنين سان پيار ڪريو، جهڙيءَ طرح مسيح منڊليءَ سان پيار ڪيو ۽ ان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.


ڏسو، ڪوبہ ماڻهو پنهنجي شرير کان ڪڏهن بہ نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انهيءَ کي اهڙي نموني کارائي پيئاري ٿو ۽ انهيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جهڙي نموني مسيح منڊليءَ کي سنڀالي ٿو،


پتي پتنيءَ بابت پوِتر شاستر ۾ انهيءَ ڪري ئي لکيو ويو آهي تہ ”مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ ٻئي هڪ شرير ٿي ويندا.“


اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ پتيءَ کي پنهنجي پتنيءَ سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ پتنيءَ کي بہ پنهنجي پتيءَ جو ادب ڪرڻ گھرجي.


اي پتيؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين پتنين سان ڏاهپ سان هلو. ناري ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس مان ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين جيون جي وردان ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون پرارٿنائون رڪجي نہ وينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ