Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 4:32 - Hindu Sindhi Bible

32 هڪٻئي تي ڪرپالو ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح ايشور مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ اوهين هڪ ٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو، ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح ۾ اوهان کي معاف ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ ٻئي کي معاف ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 هڪٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 ھڪ ٻئي تي مھربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جھڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوھان کي معاف ڪيو، تھڙيءَ طرح اوھين بہ ھڪ ٻئي کي معاف ڪندا رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 4:32
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان جا ڏوهہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنهنجن ڏوهارين کي معاف ٿا ڪريون.


جڏهن بہ اوهين پرارٿنا ڪريو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پتا جيڪو آڪاش تي آهي سو بہ اوهان جا پاپ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“


بيشڪ اسان جو ايشور وڏو ديالو آهي. هو آڪاش واري صبح جي روشني اسان تي پرگھٽ ڪندو،


اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“


جيڪڏهن هو ڏينهن ۾ ست دفعا بہ اوهان جو ڏوهہ ڪري ۽ اوهان وٽ اچي ست دفعا چوي تہ ’مون کي معاف ڪريو‘ تہ بہ اوهين کيس معاف ڪندا رهو.“


پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو لاڀ ملندو ۽ اوهين مهان ايشور جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ ڪرپالو آهي.


”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ ايشور بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ ايشور بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ ايشور بہ اوهان کي معاف ڪندو.


اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي ڪرپا ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي.


هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ مان ڏيو.


پريم صبر ڪرڻ وارو ۽ ڪرپالو آهي. پريم ساڙ نہ ٿو ڪري، نڪي پاڻ کي پڏائي ٿو ۽ نہ وري پاڻ بابت ٻٽاڪون ٿو هڻي.


جنهن کي اوهين معاف ڪريو ٿا تنهن کي آءٌ بہ معاف ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ ڪا معاف ڪرڻ جوڳي ڳالهہ هئي يا نہ، تہ بہ مسيح جي شرڻ ۾ اوهان جي خاطر معاف ڪئي اٿم.


اٽلندو هاڻي اوهان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اهو ماڻهو گھڻي غم وچان برباد نہ ٿي وڃي.


انهن کان علاوہ پوِترتائيءَ سان، ڄاڻ سان، ڌيرج سان، ڪرپا سان، پوِتر آتما سان، حقيقي پريم سان،


مطلب تہ اوهين ايشور جا پيارا ٻار هئڻ جي حيثيت سان سندس پيروي ڪريو.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين ڌيرج سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي ڌيرج بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ سڌ اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ پرميشور هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ پرميشور نهايت ڪرپالو ۽ ديالو آهي.


اوهين ڌرمچاريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان پريم وڌايو.


پر جيڪڏهن اسين پنهنجا پاپ باسينداسين تہ ايشور اسان جا پاپ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پوِتر ڪرڻ وارو پنهنجو وچن پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.


اي منهنجا پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو مسيح جي نالي جي ڪري اوهان جا پاپ معاف ڪيا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ