Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 4:29 - Hindu Sindhi Bible

29 اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي آتمڪ ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 اوهان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي جا ضرورت موافق سڌاري جي لاءِ چڱي هجي، تہ ٻُڌڻ واري کي انهيءَ مان فضل حاصل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي روحاني ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 اوھان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالھہ نہ نڪري. پر اھڙي ڳالھہ نڪري جيڪا ضرورت مطابق ٻين جي سڌاري جو سبب بڻجي تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انھيءَ مان برڪت حاصل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 4:29
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پتا جي مهما ڪن، جيڪو آڪاش تي آهي.“


سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ هن جي واتان اهڙا ڪرپا ڀريا لفظ ٻڌي عجب کائي چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي يوسف جو پٽ نہ آهي؟“


اها ڳالهہ ٻڌي ٻنهي چيلن يسوع جي پٺيان هلڻ شروع ڪيو.


پوءِ اچو تہ اسين اهڙا ڪم ڪندا رهون، جن سان ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي جي وشواس کي وڌائي سگھون.


اسان مان هر هڪ کي پنهنجي هم‌وشواسيءَ جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن هن جي وشواس ۾ بہ واڌارو ٿئي.


پر منڊليءَ ۾ ٻين کي سکيا ڏيڻ لاءِ، ڏهہ هزار اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ وارا لفظ ڳالهائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالهائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.


مسيح انهيءَ لاءِ اهو ڪيو تہ جيئن هن ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ماڻهو سيوا جي ڪم جي مڪمل تربيت حاصل ڪن ۽ سندس شرير يعني منڊليءَ جي ترقيءَ جو سبب بڻجن.


انهيءَ مٿي جي ئي وسيلي شرير جا سڀ عضوا پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا ۽ شرير جو سنڌ سنڌ انهيءَ سان جڙيل هئڻ ڪري قائم رهي ٿو. سو جيڪڏهن هر هڪ عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم صحيح نموني ۾ ڪري ٿو تہ سڄو شرير وڌي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رهي ٿو.


اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ اهڙي سلڇڻي ۽ وڻندڙ هجي، جو اوهين هر ماڻهوءَ کي مناسب جواب ڏيئي سگھو.


تنهنڪري اوهين هڪٻئي کي همتائيندا ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جو سبب بڻبا رهو، جيئن سچ پچ اوهين ڪريو بہ پيا.


غير وشواسين ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي ايشور جي مهما ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.


اي پتنيون! انهيءَ طرح اوهين بہ پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن انهن مان ڪي مسيح بابت سنديش کي نہ مڃيندا هجن تہ اهي اوهان پتنين جي چڱي هلت چلت جي ڪري، يعني جڏهن هو اوهان کي ايشور جو خوف ڪندي ۽ پوِتر هلت چلت ڪندي ڏسن، تہ چوڻ کان سواءِ ئي ايشور ڏانهن ڇڪجي اچن.


ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي شرير وارين خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن ڀَٽڪيلن واري جيون مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ