اِفسين 4:18 - Hindu Sindhi Bible18 اهڙو جيون گذارڻ وارا عقل جا انڌا آهن. سندن دلين جي سختيءَ ۽ جهالت جي ڪري ايشور جي ڏنل جيون ۾ سندن ڪوبہ حصو ڪونہ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 ڇالاءِ جو انهن جي سمجهہ انڌي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪا جاهليت منجهن آهي تنهن جي سبب، ۽ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري، خدا جي زندگيءَ کان خارج آهن؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible18 اهڙي زندگي گذارڻ وارا عقل جا انڌا آهن. سندن دلين جي سختيءَ ۽ جهالت جي ڪري خدا جي ڏنل زندگيءَ ۾ سندن ڪوبہ حصو ڪونہ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament18 اھي عقل جا انڌا آھن ۽ خدا جي ڏنل زندگيءَ ۾ ڪوبہ حصو ڪونہ اٿن، ڇاڪاڻتہ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري انھن ۾ جاھليت اچي ويئي آھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو ڀيد آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو ڀيد هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين ايشور ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.