Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 4:14 - Hindu Sindhi Bible

14 تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن ڀَٽڪائيندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي سکيا جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن گمراهہ ڪندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي تعليم جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 انھيءَ کان پوءِ اڳتي اسين ٻارڙا نہ رھون ۽ ماڻھن جي ٺڳي ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراھہ ڪندڙ منصوبن پٺيان ھر قسم جي تعليم جي جھوٽي سان ڇولين وانگر ھيڏي ھوڏي گھلبا ۽ لڙھندا نہ وتون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 4:14
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اهي هليا ويا تہ يسوع ميڙ کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻ‌پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪنهن ڪاني کي؟


سنديش ڏيندڙ سنت سڏائڻ وارا گھڻا ئي ظاهر ٿيندا ۽ گھڻن ماڻهن کي ڀَٽڪائيندا.


ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ ايشور جي چونڊيلن کي بہ ڀَٽڪائي ڇڏين.


پر اوهين سندن چيو نہ مڃجو، ڇاڪاڻ تہ چاليهن کان بہ وڌيڪ يهودي ماڻهو رستي تي لڪي ويهندا، جن قسم کنيو آهي تہ جيستائين هو پولس کي نہ ماريندا، تيستائين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو هو هاڻي سنبريا ويٺا آهن، رڳو اوهان جي فيصلي جو انتظار اٿن.“


اوهين ڄاڻو ٿا تہ پرڀو يسوع تي وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ اوهان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني ڀَٽڪائي گونگن بتن ڏانهن نيو ويندو هو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


ڏسو، هن سنسار جي ڏاهپ ايشور جي آڏو مورکتا آهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“


ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت ايشور جي سنديش جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين ايشور کي حاضر ڄاڻيندي ايشور جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا.


اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت ايشور جي سنديش ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري ايشور جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


اي مورک گلتيؤ! ڪنهن اوهان تي جادو ڪيو آهي؟ يسوع مسيح کي سوليءَ تي چاڙهي سندس موت جو منظر ڄڻ تہ اوهان جي اکين اڳيان صاف صاف ڏيکاريو ويو.


ايشور جا سڀ هٿيار ٻڌو، تہ جيئن شيطان جي سازشن جو مقابلو ڪندي قائم رهي سگھو.


هو تازو وشواس آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي شيطان وانگر پاپي قرار ڏنو وڃي.


تون اهو ڄاڻين ٿو تہ فوگلس ۽ هرمگنيس ڀائرن سميت آسيا صوبي جا سڀ وشواسي مون کان منهن موڙي ويا آهن.


جڏهن تہ بڇڙا ۽ دوکيباز ماڻهو ٻين کي دوکو ڏيندي ۽ پاڻ بہ دوکو کائيندي خراب کان خراب ٿيندا ويندا.


ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح سکيا برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا سکيا ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا.


جدا جدا قسمن جي عجيب سکيا تي لڳي ڀَٽڪي نہ وڃو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي ايشور جي ڪرپا جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس وشواس رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي.


يا سامونڊي جهازن جو کڻي مثال وٺو، جيتوڻيڪ اهي تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز هوائن سان ڌِڪجي ٿا هلن، تڏهن بہ تمام ننڍي ونجھہ جي وسيلي انهن کي هلائڻ وارو جيڏانهن بہ چاهي ڦيرائي ٿو سگھي.


ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي شرير وارين خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن ڀَٽڪيلن واري جيون مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


مون هي ڳالهيون اوهان ڏانهن انهن ماڻهن بابت لکيون آهن، جيڪي اوهان کي ڀَٽڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.


اي پريميؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو ايشور جي پوِتر آتما طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن وشواس نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن ايشور جي آتما آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو سنسار ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا.


هي ماڻهو اوهان جي پريم وارين رسوئيءَ جي گڏجاڻين لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بنا پاڻيءَ وارا ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي چمتڪار ڏيکاري ڀَٽڪائي ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوجا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيوت ئي اڇلايا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ