اِفسين 3:3 - Hindu Sindhi Bible3 ايشور پنهنجو هي ڀيد آڪاشواڻيءَ ذريعي مون تي ظاهر ڪيو، جنهن جو احوال مختصر طور اڳي ئي لکي چڪو آهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 تہ ڪهڙيءَ طرح الهام جي رستي اهو راز مون کي معلوم ٿيو، جيئن مون اڳي مختصر طور لکيو آهي، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible3 خدا پنهنجو هي راز مڪاشفي ذريعي مون تي ظاهر ڪيو، جنهن جو احوال مختصر طور اڳي ئي لکي چڪو آهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament3 خدا پنھنجو ھي راز الھام جي ذريعي مون کي ٻڌايو، جنھن جو احوال مختصر طور اڳي ئي اوھان ڏانھن لکيو اٿم. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو ڀيد آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو ڀيد هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين ايشور ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.
جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري.