Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 3:12 - Hindu Sindhi Bible

12 هاڻي مسيح تي وشواس رکڻ سان اسين مسيح ۾ شامل ٿيا آهيون، جنهن ڪري دليريءَ ۽ ڀروسي سان ايشور جي شرڻ ۾ حاضر ٿيون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 جنهن ۾ اسان کي مٿس ايمان آڻڻ ڪري دليري ٿي ملي، ۽ خاطري سان خدا تائين پهچ اٿئون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هاڻي مسيح تي ايمان رکڻ سان اسين مسيح ۾ شامل ٿيا آهيون، جنهن ڪري دليريءَ ۽ اعتماد سان خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ۽ مٿس ايمان آڻڻ جي ڪري دليريءَ ۽ ڀروسي سان خدا جي حضور ۾ اسان کي پھچ حاصل ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 3:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ جيون آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پتا تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ ايشور انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


اسان جي وشواس جي وسيلي مسيح اسان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا تائين پهچايو آهي، جنهن تي اسين قائم آهيون. اسين انهيءَ اميد تي فخر ٿا ڪريون تہ ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿينداسين.


اها ڳالهہ مسيح جي وسيلي ايشور تي اسان جي ڀروسي جو اظهار آهي.


ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳيءَ ئي پوِتر آتما ملڻ سان پتا تائين پهچ حاصل ٿي آهي.


سو هاڻي اوهين پنهنجي انهيءَ اعتماد کي هٿان وڃڻ نہ ڏيو، جنهن جو لاڀ مهان آهي.


پر مسيح پٽ جي حيثيت ۾ ايشور جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي ايشور جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو.


هاڻي اي پيارا ٻارؤ! مسيح ۾ قائم رهندا اچو تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي، تڏهن اسان کي اهو اعتماد هجي تہ سندس اچڻ مهل اسين هن جي اڳيان شرمندا نہ ٿينداسين.


اي پريميؤ! جيڪڏهن اسان جي دل محسوس نہ ٿي ڪري تہ اسين پاپي آهيون، تڏهن ايشور جي آڏو اسين اعتماد سان حاضر ٿي سگھون ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ