Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 2:22 - Hindu Sindhi Bible

22 مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري اوهين غير قوم وارا بہ ساڻن گڏ ساڳئي گھر ۾ اڏبا ٿا وڃو، جنهن ۾ ايشور پنهنجي پوِتر آتما جي ذريعي رهي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ اوهين بہ انهيءَ ۾ گڏ جڙندا اڏبا ٿا وڃو، تہ روح جي وسيلي خدا جو گهر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري اوهين غير قوم وارا بہ ساڻن گڏ ساڳئي گھر ۾ اڏبا ٿا وڃو، جنهن ۾ خدا پنهنجي پاڪ روح جي ذريعي رهي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري اوھين بہ اھڙي جڳھہ ۾ گڏ جڙندا ۽ اڏبا ٿا وڃو، جنھن ۾ خدا پنھنجي پاڪ روح جي صورت ۾ رھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 2:22
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين سڀ گڏجي ايشور جي هيڪل آهيو ۽ ايشور جي آتما اوهان ۾ رهي ٿي؟


مطلب تہ اسين ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، جڏهن تہ اوهين ايشور جي پوک آهيو. اوهين ايشور جي عمارت پڻ آهيو.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو شرير پوِتر آتما جو گھر آهي؟ اها پوِتر آتما جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي سا ايشور اوهان کي بخشي آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،


ايشور جو گھر ۽ بت پاڻ ۾ ڪيئن ٿا راضي رهي سگھن، جڏهن تہ ايشور جيڪو جيوت آهي، تنهن جو گھر تہ اسين آهيون؟ پوِتر شاستر ۾ ايشور پنهنجي قوم بابت جيڪي فرمايو آهي، سو اسان لاءِ بہ آهي تہ ”آءٌ انهن ۾ رهندس ۽ انهن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انهن جو ايشور ٿيندس ۽ هو منهنجا ماڻهو ٿيندا.“


۽ وشواس رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها پرارٿنا آءٌ انهيءَ ڪري ڪريان ٿو تہ جيئن اوهين پريم ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي جيون گذاريو.


بيشڪ جيڪو ايشور جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس بخشيل پوِتر آتما جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو.


اسين ڪيئن ڄاڻي سگھون ٿا تہ اسين ايشور ۾ رهون ٿا ۽ هو اسان ۾ رهي ٿو؟ اهو اسين هن طرح ٿا ڄاڻون جو هن اسان کي پنهنجي پوِتر آتما بخشي آهي.


ان کان علاوہ اسان پاڻ بہ ڄاڻي ورتو آهي ۽ اهو وشواس بہ آهي تہ ايشور جو اسان سان پيار آهي. بيشڪ ايشور پيار آهي، تنهنڪري جيڪو پيار ۾ رهي ٿو سو ايشور ۾ رهي ٿو ۽ ايشور بہ انهيءَ ۾ رهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ