Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 2:21 - Hindu Sindhi Bible

21 هن ۾ ئي سموري اڏاوت ڳنڍجي وڌندي ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح پرميشور لاءِ هڪ مخصوص ۽ پوِتر گھر ٺهندو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 انهي ۾ هرڪا اڏاوت گڏجي وڌندي خداوند جي هڪڙي پاڪ هيڪل ٿيندي ٿي وڃي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هن ۾ ئي سموري اڏاوت ڳنڍجي وڌندي ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح خداوند لاءِ هڪ مخصوص ۽ پاڪ گھر ٺهندو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 اھو ئي سموري اڏاوت کي ڳنڍي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح خداوند جو ھڪ پاڪ گھر ٺھندو ۽ وڌندو ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 2:21
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مطلب تہ اسين ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، جڏهن تہ اوهين ايشور جي پوک آهيو. اوهين ايشور جي عمارت پڻ آهيو.


ايشور جو گھر ۽ بت پاڻ ۾ ڪيئن ٿا راضي رهي سگھن، جڏهن تہ ايشور جيڪو جيوت آهي، تنهن جو گھر تہ اسين آهيون؟ پوِتر شاستر ۾ ايشور پنهنجي قوم بابت جيڪي فرمايو آهي، سو اسان لاءِ بہ آهي تہ ”آءٌ انهن ۾ رهندس ۽ انهن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انهن جو ايشور ٿيندس ۽ هو منهنجا ماڻهو ٿيندا.“


اهو ماڻهو شرير جي مٿي يعني مسيح سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي سڄو شرير سنڌن ۽ نسن جي وسيلي پرورش پائي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهي ٿو ۽ ايشور جي وڌائڻ سان وڌندو ٿو وڃي.


جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ ايشور جو گھراڻو جيڪو جيوت ايشور جي منڊلي ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ