Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 1:23 - Hindu Sindhi Bible

23 جيڪا مسيح جو شرير آهي. مسيح سان ئي منڊليءَ جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 جا سندس بدن آهي، ۽ سندس معموري جو هر ڪنهن کي هر طرح سان معمور ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جيڪا مسيح جو بدن آهي. مسيح سان ئي ڪليسيا جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 اھا ڪليسيا مسيح جو بدن ۽ سندس ڀرپوري آھي. ھو پاڻ ئي ھر شيءِ کي ھر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 1:23
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي انهيءَ ڀرپوريءَ مان اسان سڀني کي ڪرپا پٺيان ڪرپا ملي آهي.


تنهنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنهنجي ضمير جي خاطر پڻ اوهان کي حڪومت جي وس هيٺ رهڻ گھرجي.


ڪم ڪرڻ جون مهارتون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر ايشور تہ هڪڙو ئي آهي، جيڪو سڀني ماڻهن کي طرح طرح جا ڪم ڪرڻ جون مهارتون بخشي ٿو.


ڏسو، جڏهن ايشور سڀ ڪجھہ پٽ جي وس هيٺ ڪندو، تڏهن پٽ پنهنجو پاڻ ايشور جي وس هيٺ ٿي ويندو، جيڪو سڀ شيون پٽ جي وس هيٺ ڪري ٿو. ائين سڀني ۾ ايشور ئي سڀ ڪجھہ هوندو.


مسيح انهن جو ايشور سان ميل ميلاپ ڪرائي ٻنهي کي هڪڙو شرير بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي سوليءَ واري موت وسيلي انهن جي دشمني ختم ڪرائي ڇڏيائين.


ايشور چاهيو ٿي تہ هاڻي وشواسي منڊليءَ جي وسيلي سندس طرح طرح جي ڏاهپ جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آڪاشي جاين ۾ آهن.


شل اوهين مسيح جي انهيءَ پريم کي ڄاڻي سگھو جيڪو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تہ جيئن اوهين ايشور جي سڄي ڀرپوريءَ سان ڀرپور ٿي وڃو.


هو جيڪو هيٺ لٿو سو اهو ساڳيو ئي آهي جيڪو آڪاش تي سڀني کان مٿاهينءَ جاءِ تي چڙهي ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو آڪاش توڙي ڌرتيءَ کي پاڻ سان ڀرپور ڪري.


مسيح انهيءَ لاءِ اهو ڪيو تہ جيئن هن ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ماڻهو سيوا جي ڪم جي مڪمل تربيت حاصل ڪن ۽ سندس شرير يعني منڊليءَ جي ترقيءَ جو سبب بڻجن.


ايستائين جو اسين سڀ جو سڀ ايشور جي پٽ کي ڄاڻڻ ۽ مٿس وشواس رکڻ ۾ هڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. هائو، اسين وشواس ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون،


ڏسو، هڪڙو ئي شرير آهي ۽ هڪڙي ئي پوِتر آتما، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو.


هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس شرير، يعني منڊليءَ جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي شرير ۾ پورو پيو ڪريان.


اهو ماڻهو شرير جي مٿي يعني مسيح سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي سڄو شرير سنڌن ۽ نسن جي وسيلي پرورش پائي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهي ٿو ۽ ايشور جي وڌائڻ سان وڌندو ٿو وڃي.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو ختنو ڪيل آهي نہ وري ختنو نہ ڪيل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


ان کان علاوہ مسيح جي شانتي، جنهن لاءِ اوهين هڪ شرير ٿيڻ جي واسطي سڏيا ويا آهيو، تنهن کي پنهنجي دلين تي حڪمراني ڪرڻ ڏيو ۽ شڪرگذار رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ