Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 4:18 - Hindu Sindhi Bible

18 هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان نمسڪار لکي رهيو آهيان. منهنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوهان تي ڪرپا ٿيندي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 آئون پولس پنهنجي هٿ سان اوهان ڏانهن سلام ٿو لکان. منهنجا زنجير ياد رکجو. شل اوهان تي فضل هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان سلام لکي رهيو آهيان. منهنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوهان تي فضل ٿيندو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 آءٌ پولس، ھاڻي پنھنجي ھٿ سان ھي سلام لکي رھيو آھيان. منھنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوھان تي فضل ٿيندو رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 4:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن شانتي بخشيندڙ ايشور جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا شل اوهان سڀني تي هجي.


آءٌ ترتيس، جنهن کان هي خط لکرايو وڃي ٿو، سو بہ پرڀو يسوع ۾ اوهان کي نمسڪار ٿو چوان.


گيُس بہ اوهان کي نمسڪار ٿو چوي، جيڪو نہ رڳو مون پولس جي بلڪ سڄي وشواسي منڊليءَ جي پنهنجي گھر ۾ مهمان‌نوازي ڪندو آهي. شهر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو وشواسي ڀاءُ ڪوارتس بہ اوهان کي نمسڪار چئي رهيا آهن.


هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکان ٿو. اوهان کي منهنجا نمسڪار هجن.


سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ ايشور جي ڪرپا ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جو پرچار ڪرڻ وقت بہ.


انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو جو ايشور اسان لاءِ سنديش ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ ڀيد کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان.


هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان هي نمسڪار لکي رهيو آهيان. آءٌ ائين ئي لکندو آهيان، جيڪا هر خط ۾ منهنجي نشاني هوندي آهي.


ڪي ماڻهو اهڙي گيان جا ماهر هئڻ جي دعويٰ ڪري وشواس کان ڀَٽڪي ويا آهن. اوهان سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي.


تنهنڪري اسان جي پرڀو يسوع بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران ايشور کان ملندڙ شڪتيءَ سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


شل پرڀو يسوع تو سان گڏ هجي ۽ اوهان سڀني تي سندس ڪرپا ٿيندي رهي.


جيڪي مون سان گڏ آهن، سي سڀ تو کي نمسڪار ٿا ڏين. اسان سان پريم رکندڙ سڀني وشواسين کي نمسڪار ڏجانءِ. شل اوهان سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي.


شل اوهان سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي. آمين.


قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ