Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 4:12 - Hindu Sindhi Bible

12 اِپفراس جيڪو اوهان مان هڪڙو آهي ۽ يسوع مسيح جو سيواداري آهي، سو اوهان کي نمسڪار ٿو چوي. هو اوهان جي لاءِ هميشہ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان پرارٿنا ٿو ڪري، تہ جيئن اوهين ڪامل ٿي پوري وشواس سان هر هڪ ڳالهہ ۾ ايشور جي مرضيءَ تي قائم رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 اپفراس، جو اوهان مان هڪڙو آهي، ۽ مسيح يسوع جو غلام آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ هميشہ اوهان جي لاءِ جانفشانيءَ سان دعا ٿو گهُري، انهي لاءِ تہ اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان خدا جي ساريءَ مرضيءَ تي قائم رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اِپفراس جيڪو اوهان مان هڪڙو آهي ۽ عيسيٰ مسيح جو خادم آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي. هو اوهان جي لاءِ هميشہ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان هر هڪ ڳالهہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 اِپفراس جيڪو اوھان مان ھڪڙو آھي ۽ عيسيٰ مسيح جو غلام آھي، سو اوھان کي سلام ٿو چوي. ھو اوھان جي لاءِ ھميشہ گرم⁠جوشيءَ سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوھين ڪامل ٿي، پوري يقين سان ھرھڪ ڳالھہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 4:12
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوهان جو آڪاش وارو پتا ڪامل آهي.“


شري ٿئوفلس! ڪيترائي ماڻهو انهن ڳالهين کي لکي چڪا آهن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آهن.


جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان پرارٿنا ڪرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.


جيڪو منهنجي سيوا ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو سيواداري بہ هجي. منهنجو پتا انهيءَ کي مان ڏيندو جيڪو منهنجي سيوا ڪندو.“


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀرپور ۽ گھڻي کان گھڻي ڄاڻ رکندڙ آهيو ۽ هڪٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! يسوع مسيح جيڪو اسان جو پرڀو آهي، تنهن جو واسطو ڏيئي ۽ پوِتر آتما جو پريم ياد ڏياري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي تن ۽ من سان ايشور کي منهنجي لاءِ پرارٿنا ڪريو


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


تنهن هوندي بہ پختي وشواس وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن سنسار جي آهي، نڪي هن سنسار جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ۾ آءٌ چوان ٿو تہ خوش رهو، سڌرندا رهو، منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا رهو، هڪ دل ٿي رهو ۽ سک وَ شانتيءَ سان جيون گذاريندا رهو. اهڙيءَ طرح ايشور جيڪو پريم ۽ شانتيءَ وارو آهي سو اوهان ساڻ هوندو.


آءٌ ائين چئي ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪريان، پر ايشور کي راضي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏهن هن مهل تائين ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ جيڪر مسيح جو داس نہ هجان ها.


اي منهنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ ويم ڪندڙ ناريءَ وانگر وري سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوهين پوريءَ طرح مسيح جهڙا بڻجي نہ ٿا وڃو.


پر هاڻي هن مسيح جي شريري موت جي وسيلي اوهان جو پاڻ سان رابطو بحال ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي پوِتر، بي‌عيب ۽ بي‌الزام بڻائي پنهنجي شرڻ ۾ حاضر ڪري.


اسين انهيءَ مسيح بابت ئي سنديش ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ سکيا ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪريون.


انهيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ ايشور جي انهيءَ شڪتيءَ موجب سخت جدوجهد ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.


انهيءَ خوشخبريءَ جي سکيا اوهان اسان جي پياري اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان وانگر پرڀو يسوع جو داس آهي. مسيح جو هي وفادار سيوڪ اوهان ۾ سيوا پيو ڪري.


جنهن ڏينهن اسان اوهان جي باري ۾ اهو سڀ ٻڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اوهان لاءِ ايشور کي پرارٿنا ۽ هيءَ وينتي ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل هو اوهان کي پوِتر آتما جي سموري ڏاهپ ۽ سمجھہ بخشيندي پنهنجي مرضيءَ جي ڄاڻ سان ڀري ڇڏي.


هن سان گڏ اُنيسمس کي بہ موڪلي رهيو آهيان. هو اسان جو سچو ۽ پيارو ڀاءُ آهي ۽ اوهان مان ئي هڪڙو آهي. اهي ٻيئي اوهان کي هتي جون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندا.


شل شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان کي مڪمل طور پوِتر ڪري. شل هو اوهان جي آتما، جان ۽ شرير کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


اِپفراس، جيڪو مون سان گڏ يسوع مسيح جي واسطي قيدي آهي ۽ مرقس، ارسترخس، ديماس ۽ لوقا جيڪي مون سان گڏ ڪم ڪندڙ آهن، سي سڀ تو کي نمسڪار ٿا ڏين.


جڏهن تہ سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آهي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آهن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن.


يسوع پنهنجي شرير واري جيون ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري ايشور کي پرارٿنائون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب سان وس هيٺ رهڻ جي ڪري سندس پرارٿنائون قبول پيون.


هي خط ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي داس مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي ايشور جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي نمسڪار ٿو چوان.


انهيءَ ثابت قدميءَ کي پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوهان ۾ ڪنهن بہ ڳالهہ جي ڪمي نہ رهي.


تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ سندس خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ، يعني يسوع مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي وشواس حاصل ٿيو آهي.


ايشور، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري شرڻ ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان ڀرپور ڪري بيهاري سگھي ٿو


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ