ڪلسين 3:16 - Hindu Sindhi Bible16 مسيح بابت سنديش کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي سکيا ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان ايشور جي شڪرگذاري ڪندي زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت ڳائيندا رهو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible16 مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament16 مسيح جي ڪلام کي پاڻ ۾ جھجھي انداز ۾ رھڻ ڏيو ۽ پوريءَ سياڻپ سان ھڪ ٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي منهنجا پريميؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين پتا کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. اي پوڙهؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو ۽ ايشور جو سنديش اوهان ۾ رهي ٿو ۽ اوهين شيطان تي سوڀارا ٿيا آهيو.
پر اوهان کي مسيح پوِتر آتما سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پوِتر آتما اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿي. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پوِتر آتما اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.